آمريڪي ۽ ايراني وفد ڌار ڌار ڪمرن ۾ ويهي پيغام پهچائيندا؟

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ شروع ڳالهيون انتهائي اهميت رکن  ٿيون. هن چيو ته انهن ڳالهين جي ڪاميابي نه رڳو ٻنهي ملڪن پر سڄي خطي کي هڪ وڏي تباهي کان بچائي سگهي ٿي. هڪ انٽرويو  دوران اعزاز چوڌري خبردار ڪيو ته اسرائيل هن عمل ۾ اسپوئلر جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو هميشه ايران ۽ نار وارين رياستن وچ ۾ ڇڪتاڻ جو حامي رهيو آهي. پر، هن جو اهو به چوڻ هو ته اسرائيل آمريڪي مرضيءَ جي خلاف وڃي ڪا وڏي رنڊڪ نه وجهندو، جيتوڻيڪ لبنان ۽ غزا ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ڳالهين جي ماحول تي ناڪاري اثر وجهي سگهي ٿي. ڳالهين جي طريقيڪار بابت ڳالهائيندي هن عمان ماڊل جو ذڪر ڪيو، جنهن تحت ٻئي وفد سڌي ريت آمهون سامهون ويهڻ بدران ڌار ڪمرن ۾ هوندا ۽ پاڪستاني عملدار پيغام رسائيءَ جو ڪردار ادا ڪندا. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان وٽ اهڙن حساس معاملن لاءِ بهترين ڊاڪيومينٽيشن نظام موجود آهي. اعزاز چوڌري موجب، جيڪڏهن ڪو شروعاتي اتفاق ٿي وڃي ٿو ته اها امن جي هڪ وڏي اُميد هوندي، پر ان لاءِ رازداري برقرار رکڻ انتهائي ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.