جنگبندي جي باوجود اسرائيل جا لبنان تي حملا، چين جو سخت ردعمل سامهون اچي ويو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ)لبنان ۾ اسرائيلي حملن تي چين ردعمل ڏيندي چيو آهي ته لبنان جي شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ ضروري آهي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته لبنان جي خودمختاري ۽ سلامتي جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ گهرجي.
ترجمان جو چوڻ هو ته چين سمورن ڌرين کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي زور ڏئي ٿو.
واضح رهي ته جنگبندي جي باوجود اسرائيلي فوج طرفان لبنان تي حملا جاري آهن جنهن جي نتيجي ۾ هينئر تائين 250 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.