وچ اوڀر ۾ جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، اٽلي جي وزيراعظم جو چتاءُ

روم (ويب ڊيسڪ) اٽليءَ جي وزيراعظم جارجيا ميلوني اطالوي پارليامينٽ کي خطاب ڪندي چيو ته اٽلي ۽ يورپي يونين لاءِ آبناءِ هرمز ۾ جهاز راني جي آزادي جي بحالي انتهائي اهم مفاد آهي.
هن چيو ته وچ اوڀر ۾ جنگبندي جي ڪنهن به ڀڃڪڙي جي سخت مذمت ڪريون ٿا، خطو نازڪ مرحلي تي پهچي چڪو آهي، امن جو هڪ ڪمزور موقعو موجود آهي جنهن کي سنجيدگي سان اڳتي وڌائڻو پوندو.
جارجيا ميلوني جو چوڻ هو ته جيڪڏهن وچ اوڀر جو بحران ٻيهر شدت اختيار ڪري ٿو ته يورپ کي اسٽيبلٽي اينڊ گروٿ پيڪٽ جي عارضي معطلي تي به غور ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.