سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي وڏي وزير عمر عبدالله ايران آمريڪا جنگبندي ۾ پاڪستان جي ڪردار جي واکان ڪئي آهي.
عمر عبدالله چيو ته ”مڃڻو پوندو پاڪستان اهو ڪيو جيڪو ٻيا نه ڪري سگهيا، ڀارت جا اسرائيل سان لاڳاپا اسان جي ڪمزوري بڻيا.
سندس چوڻ هو ته جنگ رڳو اسرائيل پئي چاهي، جيڪڏهن اسان اسرائيل جي ويجهو نه هجئون ها ته ڀارت اهو ڪري سگهيو ٿي جيڪو پاڪستان ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته سٺو ٿيو جو جنگبندي ٿي، ڀلي پوءِ ان ۾ پاڪستان ئي ڪردار ادا ڪيو هجي.
والاريل ڪشمير جي وڏي وزير پاران پاڪستان جي واکاڻ “جيڪو ٻيا نه ڪري سگهيا اهو پاڪستان ڪري ڏيکاريو“
You might also like