ڪامريڊ حسن ناصر جو وڇوڙو

تحرير: غلام حسين لغاري  

ملڪ جو ڪميونسٽ گڊو ڀائي جي لقب سان سڏيو ويندڙ  پورهيت اڳواڻ ڊاڪٽر حسن ناصر جنهن کي جونيئر چئجي ته تڏهن به ڪو حرج ناهي جو سندس هم نام ڊاڪٽر حسن ناصر سينئر ڪميونسٽ ۽ پورهيت اڳواڻ هو جيڪو 1960 ۾ ان وقت جي آمر جنرل محمد ايوب خان جي دور ۾ لاهور قلعي ۾ قائم هڪ ٽارچر سيل ۾ گذاري ويو هو۔ موجوده ڊاڪٽر حسن ناصر جيڪو پڻ وقت جو ڪميونسٽ ۽ پورهيت اڳواڻ هو جيڪو لڳ ڀڳ اسي سالن جي عمر ۾ گذاري ويو آهي يعني منهنجو هم عمر هو۔

منهنجي ساڻس آخري ملاقات ڪجهه سال اڳ لاهور ۾ عوامي پارٽي پاڪستان جي هڪ ڪنوينشن ۾ ٿي هئي جنهن جو پاڻ مرڪزي صدر هو ۽ مان سندس پارٽي جو حيدرآباد مان ضلعي صدر هوس ڪجهه سببن ڪري پارٽي کان الڳ ٿي ويو هوس۔لاهور ڪنوينشن ۾ چئني صوبن مان صوبائي ضلعي ۽ تعلقا سطح جا اڳواڻ شريڪ ٿيا هئا جنهن ۾ سنڌ جون وڏي انگ ۾ نياڻيون به شامل هيون. مون به پنهنجي وفد سميت شرڪت ڪئي هئي۔ پر هن ڪنوينشن جي تمام ٿوري عرصي بعد عوامي پارٽي پاڪستان جي جاءِ تي نيشنل پارٽي جو بنياد پيو جنهن جو پاڻ مرڪزي جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو هن وقت به انجو سرگرم مک اڳواڻ ليکيو ويندو هو۔

ڊاڪٽر حسن ناصر نيشنل عوامي پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي باني ميمبر ڊاڪٽر نذير  جو موڀي فرزند هو۔ڊاڪٽر حسن ناصر بلغاريه جي اڪيڊمي آف سائنسز مان پي ايڇ ڊي هولڊر هو جتي پاڻ پنج سال اتان جي شاگرد يونين جو صدر رهيو۔بلغاريه ۾ ٽيهه سال رهڻ بعد وطن واپس وريو جتي هن سياست جو رخ اختيار ڪيو پورهيتن جي مفادن لاءِ وڙهيو پهريان ڪميونسٽ پارٽي جو بنياد وڌو جنهن کي اڳتي هلي سياسي پارٽي جو رخ ڏئي عوامي پارٽي آف پاڪستان جوڙي ۽ جنهن جو ملڪ جي چئني صوبن ۾ شاخون قائم ڪيون. سنڌ مان ڪامريڊ رمضان ميمڻ، شاهينه رمضان ،تاج مري عبدالخالق زردان ۽ ٻيا برک ڪامريڊ ۽ سياسي ذهن رکندڙ ذهن سندس پارٽي جو حصو بڻيا۔ مرحوم جي سياست ملڪ عوام جمهوريت عدليه جي آزادي لاءِ هوندي هئي. ڪڏهن به فرقيواريت يا ٻولي کي سياست جو بنياد نه بڻايو نه وري انتقامي ذهن رکندڙ هو ڪارڪنن کي غور سان ٻڌڻ تنقيد برداشت ڪرڻ سندس روايت رهي۔لاهور ڪنوينشن ۾ مون ڪجهه تنقيد ڪئي هئي ته پاڻ صبر سان ٻڌي ڪنهن به جذبات جو اظهار نه ڪيو جيڪو سندس وڏپڻ جو ثبوت هو

ڊاڪٽر حسن ناصر سادي زندگي گذارڻ وارو پهريون ڪميونسٽ قومپرست ۽ پورهيت اڳواڻ هو جنهن آمريت خلاف ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ ويڙه ڪئي جنهن ڪري پاڻ ۽ سندس پارٽي اڳواڻ جيلن جا در ڏٺا جن مان نذير عباسي به ٽارچر سيل ۾ رهي شهادت ماڻي هئي۔ڊاڪٽر صاحب اصولن جو پڪو هو، ڪڏهن به عوامي حقن ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ سوديبازي نه ڪئي اهوئي سبب آهي جو سندس لاڏاڻي تي سنڌ سميت چئني صوبن سان تعلق رکندڙ قومپرست ڪميونسٽ سياسي شخصيتون پورهيت ڏک ۾ ورتل آهن۔ڪنهن کي به هن قومي اڳواڻ سان ڪيترا به اختلاف هجن پنهنجي جاءِ تي پر هن جي ملڪ جي پوئتي پيل ماڻهن پورهيتن ۽ جمهوريت لاءِ ڪيل جاکوڙ کي ڪير به وساري نٿو سگهي سندس جاکوڙ نه صرف زنده رهندي پر ياد رهندي جنهن لاءِ کيس سرخ سلام پيش ڪجي ٿو۔سندس پونئرن سميت نيشنل پارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن سان ڏک جو اظهار ڪجي ٿو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.