رکيل مورائي نه رڳو پڪو پختو شاعر آھي پر سندس نثر به ڪمال جو آھي، جيڪڏھن ڪير مون کان پڇي ته اوھان کي رکيل مورائي جي شاعري پسند آھي يا نثر ته يقين ڄاڻو ان بابت ڪو به فيصلو ڪرڻ منھنجي لاءِ ڏکيو ٿي پوندو ۽ آئون لاجواب ٿي ويندس.
جيتوڻيڪ مون کيس ڪيترائي سال باقاعده نه پڙهيو هو ۽ مختلف رسالن ۾ ڪي مختصر لکڻيون ۽ مضمون وغيره پڙهيا ها، جن مان سندس ڪيترائي اسم منهنجي ذهن تي چٽجي ويا جيڪي اڄ به مون کي ياد آهن. اهڙي طرح هر رسالي، مئگزين ۽ اخبار ۾ سندس لکڻين جي ڳولا ڪرڻ جهڙوڪ منهنجي عادت بڻجي وئي هئي، جيڪا ڪنهن حد تائين اڃا به برقرار آهي. رکيل مورائي جون طويل توڙي مختصر لکڻيون پڙهندي مون ڪڏهن به بوريت جو احساس محسوس نه ڪيو، بلڪه هر ڀيري سندس لکڻين مان اتساهه وٺي زندگي توڙي ادب جي ڪٺن پيچرن تي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي.
رکيل مورائي سنڌ جو اھو گھڻ پڙھيو، ادب ۽ ٻوليءَ جو ڄاڻو ليکڪ آھي، جيڪو ھند توڙي سنڌ ۾ ڇپجندڙ ڪتابن ۽ رسالن بابت نه رڳو معلومات رکندو آھي پر انھن کي پڙھندو به آھي ۽ انھن تي تبصرا پڻ لکندو رھي ٿو. رکيل مورائي پنھنجي رويي ۾ ھڪ محبوب ۽ معصوم شخص آھي، جيڪو نوجوانن جي صلاحيتن جو اعتراف ڪرڻ ۾ ڪا به ھٻڪ يا لڄ محسوس ڪرڻ جي بدران فخر ۽ خوشي سان چوندو رھندو آھي ۽ سندن حوصلا افزائي ڪندي کين لکڻ لاءِ ھمٿائيندو رھي ٿو.
ڪراچي ۾ رهندي رکيل سان ويجهڙائپ پيدا ٿي، جا اڳتي هلي ذاتي دوستي ۾ تبديل ٿي وئي، رکيل مورائي سان علمي ادبي بحث مباحثن سان گڏ کل ڀوڳ به ٿيندي رهي ٿي، هو هميشه مون کي روشن راهه ڏيکارڻ لاءِ پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جي بنياد تي صلاحون ڏيڻ سان گڏ منهنجي مطالعي لاءِ بهترين ڪتاب پڻ تجويز ڪندو رهندو آهي، جن جي مطالعي سان نه رڳو منهنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ٿيندو رهي ٿو، پر منهنجي لکڻين ۾ پڻ ڪنهن حد سان بهتري ۽ پختگي ايندي وڃي ٿي.
رکيل مورائي ڪيترن ئي دانشورن، اديبن جون املهه ۽ اڻلڀ لکڻيون سهيڙي ڪيترائي شاندار ڪتاب مرتب ڪيا، جنهن ۾ لطيفيات تي سهيڙيل هند جي لکيڪن جا مضمون ۽ مقالا قابل ذڪر آهن. ان کان سواءِ ويجهڙ ۾ سندس خاڪن جو نهايت ئي خوبصورت ڪتاب ”شخصن جي آس پاس“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جڏهن ته سندس نئون ڪتاب ”شيخ اياز ننڍي کنڊ جو وڏو شاعر“ اشاعت جي آخري مرحلن ۾ آهي، جيڪو جلد ئي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچندو، جنهن ۾ شيخ اياز تي هند توڙي سنڌ جي ناليواري اديبن جون لکڻيون شامل آهن.جيڪو سنڌي ادب جي شاهوڪاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ڇاڪاڻ ته رکيل لفظي لحاظ کان شاهوڪار ليکڪ آهي، وٽس خيالن توڙي لفظن جي ڪا به غربت ناهي.