ايران-آمريڪا جنگ بندي لاءِ فيلڊ مارشل سڄي رات رابطا ڪندو رهيو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پاڪستان جي فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير رات ڀر آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس، صدارتي ايلچي اسٽيو وٽڪوف ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان مسلسل رابطي ۾ رهيا. انهن رابطن جي نتيجي ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪستان جون سفارتي ڪوششون اهم مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن، ۽ هڪ جامع امن منصوبو ٻنهي ملڪن کي پيش ڪيو ويو آهي، جنهن تي عملدرآمد اڄ سومر کان ممڪن هجڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي۔عالمي خبر رساں اداري رائٽرز موجب معاملي کان باخبر هڪ ذريعي ٻڌايو آهي ته تجويز ڪيل منصوبي تحت نه رڳو فوري جنگبندي ممڪن آهي، پر ان جي نتيجي ۾ آبنائے هرمز کي به ٻيهر کولڻ جي گنجائش پيدا ٿي سگهي ٿي۔ذريعن مطابق اهو فريم ورڪ پاڪستان تيار ڪيو آهي ۽ گذريل رات ايران۽ آمريڪا کي باضابطه طور موڪليو ويو آهي۔ هن منصوبي ۾ ٻه مرحلا شامل آهن: پهرين مرحلي ۾ فوري جنگبندي ۽ ٻئي مرحلي ۾ پائيدار ۽ جامع امن معاهدي جي جوڙجڪ شامل آهي۔ذريعن جو چوڻ آهي ته سڀني نقطن تي اڄ ئي اتفاق ضروري آهي، جڏهن ته ابتدائي سمجهوتي کي مفاهمتي يادداشت جي صورت ڏئي پاڪستان ذريعي اليڪٽرانڪ طريقي سان حتمي شڪل ڏني ويندي، ڇو ته هن عمل ۾ پاڪستان واحد رابطاڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔آمريڪي خبر رساں اداري ايڪسيئس موجب آچر تي رپورٽ آئي هئي ته آمريڪا، ايران ۽ علائقائي ثالث ملڪ پنجيتاليهه ڏينهن واري جنگبندي تي مشتمل ٻن مرحلن واري معاهدي تي غور ڪري رهيا آهن، جيڪو آخرڪار مستقل امن جي بنياد بڻجي سگهي ٿو۔ اها معلومات آمريڪي، اسرائيلي ۽ علائقائي ذريعن جي حوالي سان سامهون آئي هئي۔ذريعن موجب پاڪستان جي آرمي چيف سيد عاصم منير رات ڀر آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس، صدارتي ايلچي اسٽيو وٽڪوف ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان مسلسل رابطي ۾ رهيا۔منصوبي تحت فوري جنگبندي سان گڏ آبنائے هرمز کي کولڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته حتمي معاهدي جي مڪمل ٿيڻ لاءِ پندرهن کان ويهه ڏينهن جو مدو رکيو ويو آهي۔ هن تجويز ڪيل معاهدي کي غير رسمي طور “اسلام آباد اڪارڊ” جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن تحت حتمي سڌي ڳالهين جا امڪان اسلام آباد ۾ ظاهر ڪيا پيا وڃن۔هن وقت تائين نه آمريڪي ۽ نه ئي ايراني اختيارين هن اڳڀرائي تي باضابطه ردعمل ڏنو آهي، جڏهن ته پاڪستاني پرڏيهي آفيس جي ترجمان به تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي۔ايراني اختيارين اڳ ئي واضح ڪري چڪا آهن ته هو مستقل جنگبندي چاهين ٿا ۽ ان لاءِ آمريڪا يا اسرائيل طرفان آئنده ڪنهن به حملي خلاف ضمانت جا خواهشمند آهن۔ انهن موجب پاڪستان، ترڪي ۽ مصر سميت مختلف ملڪن طرفان ثالثي پيغام ملي چڪا آهن۔ذريعن مطابق ممڪن حتمي معاهدي ۾ ايران پاران ايٽمي هٿيار نه ٺاهڻ جي خاطري شامل هوندي، جنهن جي بدلي ۾ کيس معاشي پابندين ۾ نرمي ۽ منجمد اثاثن جي واپسي جي آڇ ٿي سگهي ٿي۔تنهن هوندي به ٻن پاڪستاني ذريعن موجب وسيع رابطن باوجود ايران اڃا تائين ڪنهن حتمي اتفاق لاءِ آمادگي ظاهر نه ڪئي آهي۔ هڪ ذريعي ٻڌايو ته ايران طرفان اڃا تائين ڪو واضح جواب نه مليو آهي، جڏهن ته پاڪستان، چين ۽ آمريڪا جي گڏيل حمايت سان پيش ڪيل عارضي جنگبندي تجويزن تي به ڪا خاطري سامهون نه آئي آهي۔چيني اختيارين پڻ هن معاملي تي فوري ردعمل ڏيڻ کان پاسو ڪيو آهي۔اهي سڀ سفارتي سرگرميون اهڙي وقت ۾ سامهون آيون آهن جڏهن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ آبنائے هرمز ذريعي عالمي تيل جي ترسيل متاثر ٿيڻ جا خدشا وڌي رهيا آهن۔ هي گذرگاهه عالمي توانائي جي فراهمي لاءِ انتهائي اهم سمجهي وڃي ٿي۔آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تازين ڏينهن ۾ هن تڪرار جي فوري خاتمي تي زور ڏئي چڪو آهي ۽ خبردار به ڪيو آهي ته جيڪڏهن مختصر وقت ۾ جنگبندي نه ٿي ته سنگين نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا۔هن صورتحال سبب عالمي توانائي مارڪيٽن ۾ شديد اُٿل پٿل ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جڏهن ته سيڙپڪار ۽ واپاري آبناءِ هرمز مان تيل جي ترسيل تي امڪاني اثرن جي پيش نظر صورتحال تي گهري نظر رکيا ويٺا آهن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.