ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) وفاقي حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ڪالهه چوٿين ڏينھن بہ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ مظاھرا ۽ ريليونڪڍي ڌرڻا ھنيا ويا. ڪارڪنن پئٽرول مھانگو ڇو ڀلا، ڊيزل مھانگو ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا سميت مختلف نعرا ھڻي قيمتون واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. ان ڏس غوثپور شهر ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي آرگنائيزر ارسلا بهلڪاڻي، راشد ڀيو، سجاد بروھي، فدا محمداڻي، سرور جعفر، شوڪت ڀيو، سائين بخش جعفري، نياز ڀيو، مصطفي اوڳاهي، قيوم ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ملير ڪورٽ ۾ قومي لائرس فورم پاران قومي لائرس فورم جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ مقصود سومرو، ايدووڪيٽ سجاد لاشاري، شوڪت ڀنڊ، مهتاب سومرو، ذيشان گوپانگ، حماد ڀٽو، گرديزي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسلام ڪوٽ ۾ زاھد گل اوٺو، عبدالرحمان شاھ، پرشوتم، زيڊ اوٺو، ڀرت ڪمار، جئي پرڪاش، گلاب جي اڳواڻي ۾ سرهاڙي ۾ محبوب کوسو، سجڻ کوسو، مظھر کوسو، ظفر کوسو، رجب کوسو جي اڳواڻي ۾ لعلو رائنڪ ۾ سجاد اڪبر مغيري، ڪامريڊ علي اڪبر خاصخيلي، جمشيد منگي، مشتاق چانڊيو، ضمير سيال، علي گوهر جتوئي، انعام ڪانڌڙو جي اڳواڻي ۾ مورو ۾ خان سومرو، غلام نبي لاکو، نازن عالماڻي جي اڳواڻي ۾ ، آغا عباس پٺاڻ، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ لالي ڪامريڊ، راول سيال، بابو سولنگي، لالي ڪامريڊ، گلان ڪامريڊ، جمن سولنگي، پيارو اوڏ، امداد سيال،پپو سولنگي،نانجي ڪولھي، ساجن اوڏ جي اڳواڻي ۾ آزاد ننگر کان ريلي ڪڍي ٽنڊو حيدر شيخ ڀرڪيو روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو.گولاڙچي شهر ۾ ڊاڪٽر لالچند ڀيل،علي اڪبر کوسو،اسماعيل مھيري،حسين مھيري،محرم مھيري،شاھنواز ڪنڀار، اشوڪ ڪمار،امام علي شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڳڻ، سيتا روڊ جي ڳوٺ محمد خان رند ۾ پڻ مظاهرا ڪيا ويا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ حڪمران بي حس ٿي چڪا آھن. ھزار روپيا ڏھاڙي ڪمائيندڙ روزانو پنج سئو روپيا پئٽرول ڪيئن ڀرائي؟ سفر تمام مھانگو ٿي ويو آھي. ھر شئي ٽرانسپورٽ ذريعي پھچي ٿي، جنھنڪري ھر شئي مھانگي ٿي وئي آھي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي نتيجي سنڌ سميت ملڪ جو عوام لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪندو مھانگائي وڌندي اڳواڻن چيو تہ وفاقي حڪومت آئي ايم جي شرطن تي ھلي حڪومت عوام دشمن معاشي پاليسيون جوڙيون آھن. ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌ ۾ لکين خاندان غربت جي لڪير کان ھيٺ ھليا ويا آھن. حڪومت جون معاشي پاليسيون عوام دوست ناھن. محنت ڪش طبقو ڏينھون ڏينھن پوئتي وڃي رھيو آھي. هن چيو تہ پاڪستان زرعي ملڪ ھجڻ باوجود حڪومتي نااھلي جي ڪري کاڌي پيتي جون شيون ھاري، مزدور ۽ غريب ماڻھن جي پھچ کان مھانگيون ٿي ويون آھن. منافعي خور واپاري مافيا ڪڏھن کنڊ، ڪڏھن ڪڻڪ تہ ڪڏھن ڪنھن شئي جو ھٿرادو بحران ڪري عوام کي لٽين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ جن ملڪن ۾ جنگ ھلي رھي آھي، اتي جو عوام به ايترو پريشان ناھي جيتري تڪليف سنڌ ۽ پاڪستان ۾ عوام کي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ بيڊ گورننس جي ڪري روزانو نوان نوان بحران جنم وٺن ٿا. حڪمران طبقو سمورن ٽيڪسن کان آجو آھي. وزيرن ۽ ڪامورن لاءِ گاڏيون مفت، پيٽرول مفت، ڊيزل مفت، بجلي مفت، جڳهون مفت، علاج مفت، انھن جي اولاد کي تعليم مفت، ھوائي سفر مفت آھن. ان سان گڏ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن آھي، جنھنڪري جيڪو حڪومت ۽ انتظاميہ جو حصو ٿئي ٿو اھو ٿوري عرصي ۾ ارب پتي ٿيو وڃي.