تيل اگهن تي قومي اسيمبلي ۾ اتحادي به ناراض،حڪمران ڪيستائين عوام کي نپوڙيندا؟ اپوزيشن

اسلام آباد (بيورو+عوامي آواز نيوز) قومي اسيمبلي ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي واڌ تي پي ٽي آءِ ميمبرن جو احتجاج،ايوان ۾ گوڙ،اسپيڪر پاران شاهد خٽڪ جي پوري تقرير حذف ڪرڻ جي ڌمڪي،شيم شيم جي نعريبازي بحث دوران ميمبرن معيشتي فيصلن کي اتفاق راءِ سان ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاليسيون ڊگهي مدي واري بنيادن تي هئڻ گهرجن۔قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي فاروق ستار بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته هدف تي ٻڌل سبسڊي سان پيٽروليم شين جي بحران کي منهن نٿو ڏئي سگهجي، هر بحران پاڻ سان گڏ موقعا به آڻي ٿو، تنهنڪري موجوده بحران کي هاڻي موقعن ۾ بدلائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته سڀني سياسي جماعتن کي گڏجي معيشت بابت اهم فيصلا ڪرڻ گهرجن، درآمدي تيل تي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ليوي بابت فيصلا گڏجي ٿيڻ گهرجن، ۽ درآمدي تيل تي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ پيٽروليم تي ليوي لاڳو نه ٿيڻ گهرجي،هن وڌيڪ چيو ته هر قابلِ ٽيڪس آمدني کي ٽيڪس جي دائري ۾ آڻڻ گهرجي،هن چيو ته ننڍن هارين ۽ زميندارن جي بدران 50 لک رپين کان وڌيڪ زرعي آمدني تي ٽيڪس لڳايو وڃي۔مهتاب اڪبر راشدي چيو ته پاڪستان ۾ رات جو اوچتو تيل جون قيمتون وڌايون ويون، جنهن سان وچولي ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن جون مشڪلاتون وڌيون آهن، هن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن بابت غير يقيني ختم ٿيڻ گهرجي۔ حڪومت پاران بچت لاءِ ڪيل قدمن جا تفصيل ايوان آڏو پيش ڪيون وڃن، جڏهن ته رليف لاءِ کنيل قدم عوام لاءِ اطمينان بخش نه آهن، تنهنڪري پاليسيون ڊگهي مدي واريون هئڻ گهرجن،پي ٽي آءِ جي شاهد خٽڪ چيو ته هن حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ اضافو ڪيو،اسان جي دور ۾ جڏهن پيٽرول اگهه وڌيا ته ليگي قيادت بيان ڏنو ته جڏهن پيٽرول مهانگو ٿيندو آهي ته وزيراعظم چور هوندو آهي،هن وقت توهان جو وزيراعظم ڌاڙيل بڻيو ويٺو آهي،هن پاڪستاني قوم تي پورو پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي،هن چيو ته تيل اگهن ۾ واڌ تي 25 ڪروڙ عوام اذيت ۾ مبتلا آهي،ماڻهو خودڪشين تي مجبور ٿي ويا آهن، 30-40 هزار رپيا ڪمائڻ وارو ٻارن جي فيس ڪٿان ڀريندو؟کاڌو ڪٿان آڻيندو؟هاري وٽ کيڙي لاءِ ڊيزل جا پئسا ناهن،پارلياماني سيڪريٽري گل اصغر خان چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ اڻٽر هئي۔ هن چيو ته موجوده بحران ۽ جنگ پاڪستان شروع نه ڪئي آهي، پاڪستان بحران دوران بهتر قدم کنيا آهن ۽ پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ ملڪ ۾ پيٽروليم صورتحال تسلي بخش آهي۔ هن چيو ته پاڪستان سفارتي محاذ تي به پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ۽ موجوده بحران مان پاڪستان، چين سميت ٻيا ملڪ به متاثر ٿي رهيا آهن۔هن وڌيڪ چيو ته حڪومت بحران دوران جيڪي به قدم کنيا آهن اهي ساراهه جوڳا آهن، وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير بهتر ڪم ڪيو آهي۔بيرسٽر گوهر خان چيو ته حڪومت عوام کي جوابده آهي، آئين اسان کي عوام جي فلاح و بهبود جي ذميواري ڏئي ٿو، ۽ جنگن کان سڀ ملڪ ۽ عوام متاثر ٿين ٿا۔ هن چيو ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي وئي آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي بابت عالمي مالياتي اداري سان ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي هئي ۽ ليوي ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي ضرورت هئي، جڏهن ته سبسڊي جو نظام شفاف هئڻ گهرجي ڇو ته اهو عوام جو پئسو هوندو آهي،هن چيو ته پيٽروليم واري وزير ”زليخا“ جي پوري ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي پر عوام کي اهو نه ٻڌائي سگهيو ته دنيا جي ڀيٽ ۾ پيٽرول جا اگهه ڇو وڌايا،اسان جي ذميواري آهي ته مهانگائي کي عوام جو مسئلو سمجهي اسان بحث ڪريون،اسان هتي عوام جي ڀلائي لاءِ ئي ويٺل آهيون،عوام جي ٽيڪسن مان ئي اسان ٽيڪس وٺون ٿا،هن چيو ته هن جنگ جو اسان کي احساس آهي،ويتنام کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ پيٽرول اگهه اوهان وڌايا آهن،نائيجيريا کان به وڌيڪ ٽيڪس وڌايا ويا آهن،هن چيو ته مهرباني ڪري عوام کي توهان کي ووٽ نه ڏيڻ جي سزا نه ڏيو،پنهنجو جهاز اڏائڻ لاءِ توهان انهن تي گوبل ٽيڪس به لڳائي ڇڏيو،توهان ناڪام ٿي چڪا آهيو،جن وٽ عوام جو مينڊيٽ نه هجي انهن جي دل عوام لاءِ نه ڌڙڪندي آهي،هن چيو ته وفاقي وزير ڏهه ڏهه گاڏين جي قافلن ۾ وڃن ٿا،جڏهن دنيا ٽي سيڪڙو اگهه وڌايا ته توهان 20 سيڪڙو وڌائي ڇڏيا،هاڻي وري 54 سيڪڙو اگهه وڌايا ويا آهن،هن چيو ته هن ايوان جا خرچ گهٽايو،توهان عوام کي جوابده آهيو،عوام کي ٻڌايو ته توهان جو ڪفايت شعاري وارو پروگرام ڪڏهن هوا ۾ اڏامي ويو؟ماڻهو موٽرسائيڪلن کان سائيڪلن تي اچي ويا آهن،توهان تيل ڪمپنين کي منافعو ختم ڪرڻ جو ڇو نه چيو؟پيٽروليم ليوي 160 رپيا آهي،اها مڪمل طور ختم ڇو نه ڪئي؟توهان آءِ ايم ايف سان ان معاملي تي ڊيل ڇو نه ڪري سگهيا؟توهان عوام کان ڪيستائين خيرات وٺندا؟عوام سدائين هن ملڪ جو سوچيو ڪڏهن توهان به انهن جي چلهن جو خيال رکو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.