ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف ڪراچي کان ڪشمور تائين وڪيل رستن تي نڪري آيا، ننڍا وڏا روڊ بند ڪيا ويا، احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان سلسلي ۾ وڪيلن پاران پيٽرول جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، وڪيل ڪاظم مهيسر، عاقب راڄپر، اشرف سمون رشيد راڄڙ ۽ عاقب راجپر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، مظاهرين جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومتپيٽرول جي شيئن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرايو آهي، پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ به واڌ ٿيندي، اڳ ئي عوام مهانگائي جو ستايل آهي وري مٿان پيٽرول جي قيمتن ۾ وڏي پيماني تي واڌ ڪري جيئن جو حق به کسيو پيو وڃي، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ جو جواز ڄاڻائي حڪمران عوام جو رت چوسي رهيا آهن، ايران ۾ جنگ جي حالت هوندي به اتي ڪنهن به شئي جي قيمتن ۾ واڌ ناهي ڪئي وئي، آبناءِ هرمز رستي کان پاڪستان کي پيٽرول ملي رهيو آهي، تنهن هوندي به بنا ڪنهن جواز جي پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، پيٽرول مهانگو ڪرڻ خلاف گهوٽڪي ۾ به وڪيلن ۽ ٻين ڌرين طرفان نيشنل هاءِ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌائڻ خلاف ڊسٽرڪٽ بار جي صدر ايڊووڪيٽ شاھنواز وسير، ايڊوڪيٽ شاهد حسين مهر، جاويد مهر ۽ شھري اتحاد جي چيئرمين رئيس الھوسايو گھوٽو، سيد ساجد شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گھوٽڪي ٽول پلازا وٽ قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ سوين گاڏيون بيھجي ويون، غوثپور ۾ به مهانگائي خلاف ارسلا بهلڪاڻي، راشد ڀيو، سرور جعفري، فدا حسين محمداڻي، سجاد بروهي، شوڪت ڀيو ۽ سائين بخش جعفري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، تيل جي قيمتن ۾ واڌ خلاف نوشهروفيروز ۾ وڪيلن، شھرين ۽ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن رستن تي نڪري ڌرڻا هنيا، مٺياڻي اسٽاف تي نيشنل ھاءِ وي بلاڪ ڪيو ويو، مظاهرين ٽائرن کي باهيون ڏنيون، روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب حيدرآباد ڪراچي سکر ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون، مظاهرين جي اڳواڻي وڪيل گلزار عالماڻي، فاروق ڏنگراج، انصار عباسي، ايم ظفر تڳر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، اوٻاوڙو ۾ به حڪومت پاران پيٽرول اگهه وڌائڻ خلاف وڪيل برادري طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري سنڌ پنجاب دنگ وٽ ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته وقاقي حڪومت عوام مٿان پيٽرول بم ڪرائي عوام سان ظلم ڪيو آهي، پيٽرول مھانگو ٿيڻ ڪري عام شين جي اگهن ۾ اضافو ڪيو ويو آھي عوام ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ ترسي رھيو آھي، حڪمران من مستيون ڪري رھيا آھن، پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ بند ڪري ڇڏينداسين.