ڪراچي ( رپورٽر)سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو ته پاڪستان جي سياحت کي پنهنجي منفرد ثقافت، وڏا جبل، وسيع ريگستانن، خوبصورت سمنڊن ۽ مهمان نواز قوم جي ڪري دنيا ۾ هڪ نمايان حيثيت حاصل آهي. سياحت جي ھٿي سان نه رڳو واپار کي هٿي ملندي، پر پاڪستان جي معيشت کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي اسان جي عزم جو عڪاس آهي ۽ وزيراعظم جي قيادت ۾ ترقي جو سفر جاري آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ٽريول مارٽ (پي ٽي ايم) 2026 جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان کان اڳ سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي بٽڻ دٻائي نمائش جو افتتاح ڪيو ۽ مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو، شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي. افتتاحي تقريب کي مهمان خاص جي حيثيت سان خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان سميت دنيا کي واپار ۽ سياحت کي هٿي ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻڻ آهي ۽ ماڻهن جي بهتري لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. مشڪل حالتن جي باوجود پاڪستان دنيا کي هڪ هاڪاري پيغام ڏنو آهي ته اسان جا دروازا کليل آهن. گورنر هائوس ۾ روسي سفير البرٽ خوريف گورنر نهال سان ملاقات ڪئي. روسي قونصل جنرل آنڊري وڪٽورووچ فيڊوروف ۽ ٻيا عملدار پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. روسي سفير سيد محمد نهال هاشمي کي گورنر سنڌ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ ھٿي ڏيڻ جو عزم ظاهر ڪيو. روسي سفير البرٽ خوريف ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته ڪراچي ۽ سينٽ پيٽرزبرگ ڀائر شهر آهن ۽ ٻنهي شهرن جي وچ ۾ ثقافتي، سياحتي ۽ تعليمي سرگرمين کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو.هن پاڪستان اسٽيل ملز کي ٻيهر فعال ڪرڻ جو اشارو ڏنو ۽ چيو ته روس انفراسٽرڪچر جي بهتري، نيڪال ۽ صاف پاڻي جي فراهمي جي منصوبن ۾ تعاون جي خواهشمند آهي. هن وڌيڪ چيو ته روس ايمرجنسي ريسپانس، سول ڊفينس ۽ ٻين شعبن ۾ پڻ مدد فراهم ڪرڻ چاهي ٿو.