پاڪستان ۾ وچولي طبقي لاءِ حالتون وڌيڪ سخت، مهانگائي ۾ تيزي سان واڌ

اسلام آباد (بيورو) وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ جا اثر پاڪستان جي معيشت تي وڌيڪ واضح ٿيڻ لڳا آهن، جنهن ڪري رمضان المبارڪ کانپوءِ ٻئي هفتي به ملڪ ۾ مهانگائي جي رفتار تيز ٿي وئي آهي. ڳڻپ کاتي پاران جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ موجب، تازي هفتي مهانگائي جي شرح ۾ 1.01 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 9.12 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. رپورٽ موجب، هفتي دوران 15 ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ ڏٺي وئي، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ ايل پي جي (13.28 سيڪڙو) مهانگي ٿي. ان کان علاوه آنن جي قيمت ۾ 2.23 سيڪڙو، مرغي جي گوشت ۾ 2.13 سيڪڙو، مٽن ۾ 1.54 سيڪڙو ۽ کليل کير جي قيمت ۾ 0.63 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي طرف، ٽماٽن، بصرن،  ٿوم، کنڊ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ ڪجهه گهٽتائي واقع ٿي آهي، جڏهن ته 27 شين جا اگهه اڳوڻي سطح تي برقرار رهيا. انگن اکرن موجب، مهانگائي جي هن لهر سڀ کان وڌيڪ ماهوار 44 هزار روپين کان وڌيڪ آمدني رکندڙ طبقي کي متاثر ڪيو آهي، جنهن لاءِ مهانگائي جي رفتار 1.15 سيڪڙو اضافي سان 8.70 سيڪڙو رهي. معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن علائقائي ڇڪتاڻ برقرار رهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي جو گراف وڌيڪ مٿي وڃي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.