اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف جي خاص هدايتن تي نيشنل هائيويز ۽ موٽرويز تي ٽول فيس ۾ ٿيندڙ مقرر ٽه ماهي واڌ کي معطل ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير مواصلات عبدالعليم خان موجب، وزيراعظم جي حڪمن تي فوري عملدرآمد ڪندي نيشنل هائيوي اٿارٽي کي جاري ڪيل واڌ وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. وفاقي وزير وڌيڪ تفصيل ڏيندي چيو ته ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي سبب عوام اڳ ئي مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ شهرين تي ٽول ٽيڪس جي صورت ۾ وڌيڪ ٻوجهه وجهڻ مناسب ناهي. هن چيو ته حڪومت عوام کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، جنهن ڪري هي فيصلو ڪيو ويو آهي.