اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف تيل اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي ان خلاف اپوزيشن جماعتن جي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا آچر ڏينهن لاهور ۾ منعقد ٿيندي. خيبرپختونخوا هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيئرمين پي ٽي آءِ بئرسٽر گوهر چيو ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان غريب آبادگار ۽ عام پاڪستاني سخت متاثر ٿيو آهي، حڪومت غير ضروري طور تي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي. بئرسٽر گوهر چيو ته دنيا جي 96 ملڪن ۾ تيل جون قيمتون وڌيون آهن پر پاڪستان ۾ اضافي جي شرح ويٽنام کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ آهي، اسان هن معاملي ۾ نائيجريا کي به پٺيان ڇڏي ڏنو آهي. هن چيو ته حڪومت آئي ايم ايف سان معاهدو ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ هاڻي پنهنجي ناڪامي جو ٻوجهه عوام تي وجهي رهي آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي تيمور سليم جھگڙا چيو ته جڏهن قيمتون گهٽ ٿينديون آهن ته وزيراعظم پاڻ اعلان ڪندو آهي پر واڌ وقت وزيرن کي اڳيان ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته افغانستان، چين، ترڪيه ۽ هندستان ۾ پيٽرول پاڪستان کان سستو آهي. هن مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن معيشت ٺيڪ ڪرڻي آهي ته سرڪاري جهاز وڪڻو ۽ بيوروڪريسي جو مفت پيٽرول فوري طور تي بند ڪيو وڃي ته جيئن کين عوام جي تڪليفن جو احساس ٿئي. هن چيو ته سبسڊي جي نالي تي عوام سان مذاق ڪيو پيو وڃي، جنهن خلاف سموري اپوزيشن متحد ٿي احتجاج ڪندي.