سنڌ هاري ڪميٽي پاران مهانگائي خلاف مارچ، تيل اگهن ۾ واڌ رد

حيدرآباد( رپورٽر )سنڌھاري ڪاميٽي پاران حيدرآباد ۾ حيدرچؤڪ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين سنڌھاري ڪاميٽي جي مرڪزي  صدر ڪامريڊ ثمرحيدرجتوئي جي اڳواڻي ۾ ھاري ھلچل تحريڪ جي اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سھتو کي ڀيٽاڏيندي ھاري مارچ ڪيوويو  ھاري ھلچل تحريڪ جي نامياري اڳواڻ ليکڪ سيئنرصحافي ڪامريڊ غلام رسول سھتو جي 5ھين ورسي  ملھائيندي ڀيٽاطور حيدرآباد ۾ حيدرچؤڪ کان پريس ڪلب تائين ھاري مارچ  ڪيوويو  سنڌھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمرحيدرجتوئي ھاري مارچ ۽ڪامريڊ غلام رسول سھتي جي ورسي جي موقعي تي  ڀيٽا طور ھاري مارچ کي خطاب ڪندي  چيو  ته ھارين جي حقن سميت مھانگائي جي وڌندڙ طوفاني صورتحال تي ھاري مارچ ڪيوآھي  ھن چيو ته ڪامريڊ غلام رسول سھتو جي ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي مارچ ڪيو آھي  سنڌھاري ڪاميٽي طرفان ڪامريڊ غلام رسول سھتو جي 5ھين ورسي ۽ھاري  مارچ ۾ شرڪت جي سمورن سياسي سماجي ادبي صحافتي حلقن سميت وڪيلن دانشورن سول سوسائٽي ھارين اديبن شاعرن صحافين سياسي اڳواڻن سماجي اڳواڻن ادبي اڳواڻن وڪيل اڳواڻن سميت وڪيلن اديب دانشورن سول سوسائٽي جي شرڪت ڪندي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪري ٿي ته تيل جي قيمتن ۾ فوري طور گھٽتائي ڪئي وڃي پيٽرول ۽ ڊيزل  جي قيمتن ۾ ايڏي وڏي واڌسان ھرشي مھانگائي جي ور چڙھي وئي آھي ان صورتحال ۾  پورھيت مزدور ھاري آبادگار سخت معاشي حالتن سبب غربت جي ليڪر کان به ھيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندو اھو عوام سان ظلم آھي اسان تيل جي قيمتن سميت گئس جي وڌيل قيمتن کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا سنڌھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمرحيدر جتوئي اعلان ڪندي سمورين سياسي پارٽين سماجي تنظيمن ادبي تنظيمن ۽صحافتي تنظيمن سميت سول سوسائٽي کي سڏ ڏنو آھي ته سخت مھانگائي واري صورتحال ۾ ھڪ اتحاد ڪري ڀرپور گڏيل تحريڪ ھلائي عالمي سطح  تائين ۽وفاقي حڪومت تائين ڀرپور عوامي احتجاج رڪارڊ ڪرائي وڌيل تيل جي قيمتن ۽گئس جي قيمتن کي گھٽائي ڪرائي سگھجي ھن چيوته موجوده مھانگائي جي حالت ۾ ھاڻ غريب ھڪ وقت جي ماني به ڪونه کائي سگھندو ۽ سفر به ڪري ڪونه سگھندو گاڏين جا ڀاڙا تمام وڏا ٿي ويندا جنھن سبب غريب ماڻھو ھڪ شھر کان ٻي شھر ڏانھن سفر ڪرڻ کان به لاچار بڻجي ويندو ڪامريڊ ثمرحيدر جتوئي خطاب ڪندي چيوته ايڏي وڏي مھانگائي ۾ غريب ماڻھو پنھنجو علاج به ڪرائي ڪونه سگھندو ھن چيوته غريب ماڻھو ته ھاڻ ايڏي مھانگائي ۾ ڪفن به ڪونه وٺي سگھندو اھا مھانگائي عوام مٿان وڏو ظلم آھي.  سنڌھاري ڪاميٽي طرفان ھاري مارچ ۽ڪامريڊ غلام رسول جي 5ھين ورسي جي موقعي تي ٺھراء پاس ڪندي پيٽرول جي وڌيل قيمت 458روپيا في ليٽر ۽ڊيزل جي وڌيل قيمت 520روپيا في ليٽر کي مڪمل طور ردڪندي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته مھانگائي جي طوفان کي روڪڻ لاء تيل جون قيمتون واپس ورتيون وڃن تيل جي قيمت جي وڌڻ  سبب ٽرانسپورٽرن کان وٺي دڪاندار ھاري پورھيت مزدور ھوٽل واري کان ويندي ھر ماڻھو مھانگائي جي ور ڇڙھي ويندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.