راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جو واضح موقف آهي ته سڀ کان پهريان پاڪستان آهي. عمران خان جي ٻارن ڪڏهن به ملڪ خلاف ڳالهه ناهي ڪئي، پر جيڪڏهن هو ڪڏهن ائين ڪندا ته اسان سندن حمايت نه ڪنداسين.هن چيو ته بشريٰ بي بي کي اکين جي تڪليف باوجود گذريل چار هفتن کان ملاقات جي اجازت ناهي ڏني وئي، جيڪو سراسر ظلم آهي. بئرسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته اسان پرامن ماڻهو آهيون ۽ سياسي مسئلن جو سياسي حل چاهيون ٿا، جنهن لاءِ باني پي ٽي آءِ محمود خان اچڪزئي کي اختيار ڏئي ڇڏيا آهن. حڪومت کي گهرجي ته ملڪي پاليسين تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي.