غير قانوني شهريت رکندڙن کي نادرا ڊيٽا بيس مان ڪڍڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نادرا هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي هن غير قانوني طور پاڪستاني شهريت حاصل ڪندڙن کي فوري طور نيشنل ڊيٽا بيس مان ڪڍڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس دوران محسن نقوي چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ نادرا جي خدمتن ۾نمايان بهتري آئي آهي، هاڻي نادرا جون اسٽيٽ آف دي آرٽ آفيسون مسواڙ جي عمارتن بدران پنهنجي ملڪيت واري جڳهه تي ٺاهيون وڃن، جنهن لاءِ هن ماسٽر پلان طلب ڪري ورتو. چيئرمين نادرا بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته لکن جي تعداد ۾ فوت ٿيل ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪيا ويا آهن ۽ پي ٽي اي جي سهڪار سان انهن جي نالي تي جاري موبائل سمون پڻ بلاڪ ڪيون پيون وڃن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سڃاڻپ ڪارڊ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ 30 ڏينهن جي وقتي حد مقرر ڪئي وئي آهي ته جيئن شهرين کي سهولت ملي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.