ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم بلدياتي اختيارن جي ڳالهه ته ڪري ٿي پر چونڊنکان پئي پاسو ڪري. پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته پيٽرول تي ڏنل سبسڊي جو بار سمورا صوبا کڻي رهيا آهن ته جيئن مهانگائي تي ضابطو اچي سگهي. هن واضح ڪيو ته تعليمي ادارا معمول موجب کليل رهندا، جڏهن ته اسڪولن ۾ ڇنڇر واري موڪل برقرار رهندي. ٻئي طرف گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ڪچي ۾ ملٽري گريڊ هٿيارن جي استعمال بابت وفاق کي آگاهي ڏني وئي آهي، پوليس پنجاب واري پاسي هٿيارن جو وڏو ذخيرو تباهه ڪيو آهي، جنهن سان صورتحال بهتر ٿي آهي. دادو سيشن ڪورٽ واقعي بابت هن چيو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏبو ۽ فائرنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي اهم فيصلن کان آگاهه ڪيو. شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته عالمي معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪفايت شعاري پاليسي اپنائي وئي آهي، جنهن تحت ڪو به کاتو بجيٽ کان ٻاهر واڌو فنڊ نه گهرندو. ڪابينا هڪ ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري هاري ڪارڊ ذريعي ڪرڻ ۽ شاگردن جي فيسن جي واپسي لاءِ 3.4 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ڪچي واري علائقي ۾ پوليس کي وڏيون ڪاميابيون مليون آهن، جتي 393 ماڻهن هٿيار ڦٽا ڪيا آهن. هن ٻڌايو ته اوٻاڙو کان ٺٽي تائين ڪچي جو سروي ڪيو ويندو ته جيئن اتي رهندڙ عورتن ۽ ماڻهن کي زمينن جي الاٽمينٽ مان فائدو پهچي سگهي. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته ثقافتي ورثي جي حفاظت لاءِ سچل سرمست لائبريري ۽ شاهه لطيف جي مزار تي ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا، جڏهن ته تعليمي ادارا معمول موجب کليل رهندا. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اعلان ڪيو آهي ته اڄ کان صوبي جي سمورن تعليمي ادارن ۾ تدريسي عمل بحال ڪيو ويندو ۽ آن لائن بدران فزيڪل ڪلاسون ٿينديون، جڏهن ته تعليمي ادارا هفتي ۾ ٻه ڏينهن بند رهندا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪابينا سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۾ اسٽيڊيم ۽ مذهبي ماڳن جي ترقياتي ڪمن لاءِ فنڊن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته آپريشن نجات مهراڻ ذريعي ڪچي ۾ امن قائم ڪيو ويو آهي، سکر کان بهاولپور تائين رستن کي محفوظ بڻايو ويو آهي ۽ جيڪب آباد سميت ٻين ضلعن ۾ اي ٽي سي ججز جي تعيناتي لاءِ سفارش ڪئي وئي آهي.