ذخيرا اندوزي خلاف فوج نه اسان کي ڪم ڪرڻ گهرجي:گورنر سنڌ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي  تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي  ته الله تعاليٰ قانوني پيشي کي هڪ اهڙو درجو ڏنو آهي جنهن تي فخر ڪرڻ گهرجي. گورنر سنڌ چيو ته پاڪستان جا وڪيل قائداعظم محمد علي جناح جا وارث آهن. پيشي جي عظمت کي برقرار رکڻ قانوني برادري جي ذميواري آهي. مان معزز بار جي ميمبرن، حسيب جمالي، فريده مڱريو ۽ ٻين جو شڪرگذار آهيان،هن چيو ته اسان جي وقت ۾ قانون ۾ داخلا وٺڻ ڪافي ڏکيو ڪم هو، آئون اڃا تائين ڪارو ڪوٽ پائي رهيو آهيان. اسان کي پنهنجو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، اسان کي ڪفايت شعاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. مون کي جيڪا معلومات ملي رهي آهي اِها اُها آهي ته اسان جا قانون لاڳو ڪندڙ 93 سيڪڙو ماڻهن کي پڪڙي وٺن ٿا، ذخيري اندوزي خلاف ڪم ڪرڻ اسان جي پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪم ناهي، اسان جي به ذميواري آهي ته ان خلاف ڪم ڪريون، گورنر سنڌ جو چوڻ هو ته ليکڪ ۽ شاعر به وڪيل وانگر نه ڳالهائيندا آهن. اسان جي اندر اڻ لاڳاپيل  اچي ويا آهن جيڪي اسان وٽ انرولڊ نه آهن، اسان جي عزت اسان جي هٿن ۾ آهي. اسان کي انصاف لاءِ وڙهڻو آهي. هن چيو ته  دهشت ۽ تشدد جو سماج زنده نٿو رهي سگهي. هر ڪنهن جو گهر خوشحال هجن گهرجي، آئون هتي ايندو ويندو رهندس، هن ٻڌايو ته مون کي پگهار نه ملي رهي آهي، منهنجي زال ڊاڪٽر آهي، منهنجا ٻار ڪمائي رهيا آهن. گورنر سنڌ چيو ته پاڪستان خطي ۾ پرامن ملڪ آهي جتي ڪجهه عالمي عنصر انتشار پکيڙڻ چاهين ٿا. وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي دانشمند قيادت خطي ۾ امن لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته  اسرائيل سميت عالمي دهشتگردي فلسطين ۽ عالمي امن لاءِ سنگين خطرو آهي. ڀارتي جارحيت کي مناسب جواب ڏنو ويو، مستقبل ۾ جارحيت جو جواب پوري طاقت سان ڏنو ويندو. عدالتن ۾ انصاف جي فراهمي ۾ قانوني برادري جو ڪردار تمام گهڻو اهم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.