ويرات ڪوهلي مداحن جون دليون کٽي ورتيون، معذور مداح جي خواهش پوري ڪري ڇڏيائين، وڊيو وائرل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي جي ميدان تي ٽريننگ کانپوءِ هڪ خاص مداح سان ملاقات جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، هن وقت ڪرڪيٽ ليگز جو سيزن عروج تي آهي، جتي هڪ پاسي آءِ پي ايل ته ٻئي پاسي پي ايس ايل جون سرگرميون جاري آهن.
ان ڏس ۾ آءِ پي ايل فرنچائز رائل چيلنجرز بئنگلورو جي هڪ معذور مداح، جيڪو ڪوهلي سان ملڻ جو خواهشمند هو، تنهن جي اها خواهش پوري ٿي وئي.
ويرات ڪوهلي ٽريننگ ختم ڪرڻ کانپوءِ پاڻ وڃي ان مداح وٽ هلي ويو، ساڻس ملاقات ڪئي، سيلفي ڪڍي ۽ کيس آٽو گراف پڻ ڏنو.
ياد رهي ته هيءَ سندن پهرين ملاقات نه هئي، ان کان اڳ 2022ع ۾ موهالي ۾ سريلنڪا خلاف پنهنجي 100هين ٽيسٽ ميچ جي موقعي تي پڻ ويرات ڪوهلي پنهنجي جرسي ڌرم وير نالي ان مداح کي تحفي طور ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.