ٽرمپ کي هاڻي وڃڻو پوندو: جنگ خلاف آمريڪا، اسرائيل ۽ يورپ جو عوام روڊن تي اچي ويو

واشنگٽن/لنڊن/سڊني/تل ابيب (عوامي آواز رپورٽ) ايران تي جنگ مڙهڻ ۽ ٽرمپ جي پاليسين خلاف آمريڪا ۾ بغاوت ۽ احتجاجي تحريڪ سڄي يورپ تائين پکڙجي وئي آهي. جنگ خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل سميت سڄي يورپ جي عوام روڊن تي نڪري ٽرمپ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو. اسرائيل ۾ به وڏي پئماني تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جن تي پوليس پاران طاقت جواستعمال ڪيو ويو. اٽلي، اسپين، جرمني، فرانس، روم، سڊني ۾ هزارين ماڻهن روڊن تي نعريبازي ڪئي. تفصيل موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين، ايران جنگ ۽ سخت اميگريشن قانونن خلاف احتجاج جي باهه سڄي دنيا ۾ پکڙجي وئي آهي. نيو يارڪ، لاس اينجلس ۽ واشنگٽن ڊي سي سميت آمريڪا جي تقريبن هر وڏي شهر ۾ ’نو ڪنگز‘ (بادشاهه نه کپن) تحريڪ زور وٺي وئي آهي. رپورٽن موجب، رڳو هڪ ڏينهن اندر 3 هزار کان وڌيڪ شهرن ۾ تقريبن 70 لک ماڻهن احتجاج ۾ شرڪت ڪري عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. واشنگٽن ڊي سي ۾ مظاهرين فوجي ٺڪاڻن ڏانهن مارچ ڪندي ’نو ڪنگز، نو وار‘ ۽ ’نو آئس‘ جا نعرا هنيا، جڏهن ته سين فرانسسڪو ۾ هزارين ماڻهن گڏجي هڪ وڏو انساني خاڪو ٺاهيو جنهن تي لکيل هو ته ”ٽرمپ کي هاڻي وڃڻو پوندو“. هن تحريڪ جو مکيه مرڪز رياست ميني سوٽا رهيو، جتي جنوري ۾ اميگريشن اهلڪارن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻن شهرين رينيگڊ ۽ ايلڪس فيٽي جي قتل خلاف سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.  مظاهرن ۾ مشهور هالي ووڊ اداڪار رابرٽ ڊي نيرو نيو يارڪ ۾ شرڪت ڪندي ٽرمپ کي آمريڪي تاريخ جو سڀ کان خطرناڪ صدر قرار ڏنو ۽ کيس اقتدار تان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو. اسٽيج تي نالي واري گلوڪار بروس اسپرنگسٽين پنهنجا احتجاجي گيت ڳائي مجمعي جو جوش وڌائي ڇڏيو، جڏهن ته سينيٽر برني سينڊرز عوام کي خبردار ڪيو ته کين ماضيءَ جي جنگين جيان هڪ ڀيرو ٻيهر گمراهه ڪيو پيو وڃي. هي احتجاجي لهر هاڻي عالمي شڪل اختيار ڪري وئي آهي ۽ اٽلي، اسپين، جرمني، فرانس ۽ آسٽريليا ۾ به هزارين ماڻهو امن، انصاف ۽ جمهوريت جي حق ۾ رستن تي نڪري آيا آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين ۽ ايران سان جاري جنگ خلاف وڏي عالمي احتجاجي تحريڪ شروع ٿي وئي آهي. آمريڪا سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ لکين ماڻهو رستن تي نڪري آيا آهن، جن صدر ٽرمپ کي آمريڪي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ تباهه ڪندڙ صدر قرار ڏيندي موجوده حڪومت جي پاليسين کي ملڪي مفادن جي ابتڙ قرار ڏنو آهي. آمريڪي گادي واري شهر واشنگٽن ۾ لکين شهرين ايران جنگ ۽ ٽرمپ جي انتظاميه خلاف مارچ ڪيو، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن ‘نو ڪنگز’ جا بينر کڻي سخت نعري بازي ڪئي. اهڙي طرح رياست فلوريڊا جي شهر ويسٽ پام بيچ، اٽلانٽا ۽ جارجيا ۾ به پرامن احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون، جن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته صدر ٽرمپ پنهنجا تڪراري فيصلا فوري طور تي واپس وٺي. هيءَ تحريڪ رڳو آمريڪا تائين محدود ناهي رهي، پر برطانوي گادي واري شهر لنڊن ۾ به هزارين شهرين ٽرمپ جي اميگريشن پاليسين ۽ جنگ خلاف مارچ ڪيو. ان سان گڏوگڏ آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ به وڏو احتجاج ڪيو ويو، جتي مظاهرين ڪو به آمر قبول ناهي جهڙا نعرا هنيا. مظاهرين پاران ايران جنگ ۽ عالمي پاليسين تي ٽرمپ انتظاميا کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته مظاهرين جو چوڻ آهي ته هي احتجاجي لهر وڌيڪ تيز ٿيندي. اسرائيل جي گادي واري شهر تل ابيب ۽ ٻين مختلف شهرن ۾ ايران خلاف جاري جنگ جي خلاف سوين ماڻهو رستن تي نڪري آيا، جن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز سخت طاقت جو استعمال ڪيو. جنگ خلاف هر هفتي احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن، جن ۾ هاڻي ماڻهن جو انگ وڌڻ لڳو آهي. گذريل ڏينهن مظاهرن ۾ اڳوڻا پارليامينٽ ميمبر، سياسي ڪارڪن ۽ امن پسند تنظيمون پڻ شامل هيون. پوليس جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ لاڳو هنگامي قانونن تحت 50 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي آهي. تل ابيب ۾ پوليس مظاهرين کي ڌڪا ڏئي پوئتي هٽايو ۽ ڪيترن ئي شهرين کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن دوران 13 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. اهڙي طرح حيفا شهر ۾ به 5 ڄڻن کي روڊ بلاڪ ڪرڻ جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو ويو. ٻئي طرف يهودي ۽ عرب ڪارڪنن جي تنظيم ”اسٽينڊنگ ٽوگيڌر“ جو چوڻ آهي ته پوليس کي سياسي اختلاف کي دٻائڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن، ڇاڪاڻ ته حڪومت هن احتجاجي تحريڪ جي وڌيڪ ڦهلجڻ کان ڊنل آهي. ياد رهي ته ايران جنگ جي شروعات کانپوءِ اسرائيل اندر جنگ جي مخالفت ۾ اها پهرين وڏي احتجاجي لهر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.