واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) آمريڪي سينيٽر برني سينڊرز صدر ٽرمپ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ٽرمپ سڄي دنيا کي بحران ۾ وجهي رهيو آهي، هڪ ماڻهو ملڪ جي قانون کي پنهنجي هٿ ۾ وٺي ڇڏيو آهي، اسان پنهنجي ملڪ ۾ آمريت نٿا چاهيون۔ايران سان جنگ جي مخالفت ۾ آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ 70 لک کان وڌيڪ ماڻهن جا “نو ڪنگز” مظاهرا شروع ٿي ويا آهن۔نو ڪنگز” مظاهري کي خطاب ڪندي برني سينڊرز صدر ٽرمپ تي سخت تنقيد ڪئي۔آمريڪي سينيٽر برني سينڊرز چيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ سڄي دنيا کي بحران ۾ وجهي رهيو آهي، اڄ اسان جو پيغام آهي: “نو مور ڪنگز”، اسان پنهنجي ملڪ ۾ آمريت نٿا چاهيون، هڪ ماڻهو ملڪ جي قانون کي پنهنجي هٿ ۾ وٺي ڇڏيو آهي، آمريڪي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن بهڪنهن طاقت جو ايترو غلط استعمال ناهي ڪيو۔برني سينڊرز وڌيڪ چيو ته عراق جنگ بابت اسان سان ڪوڙ ڳالهايو ويو، ۽ اڄ ايران خلاف جنگ بابت به اسان سان ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي، ايران خلاف جنگ نيتن ياهو شروع ڪئي، هڪ خودمختيار ملڪ خلاف بنا جواز جنگ شروع ڪري عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي۔سينيٽر برني سينڊرز چيو ته غزه ۾ هزارين ماڻهو مارجي ويا، غزه کي کنڊر بڻايو ويو، ايران ۾ هن وقت تائين ٻه هزار شهري مارجي چڪا آهن، ۽ اسرائيل کي آمريڪي ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسن سان هٿيار فراهم ڪرڻ روڪيو وڃي۔پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته ٽرمپ ڪوڙ ڳالهائي ايران خلاف جنگ ۾ آمريڪي ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو ضايع ڪري رهيو آهي، ايران خلاف جنگ کي فوري طور بند ڪرڻ گهرجي، ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو تعليم، صحت ۽ سستي گهرن جي تعمير تي خرچ ٿيڻ گهرجي۔هن وڌيڪ چيو ته هي آمريڪا جي تاريخ جو هڪ غيرمعمولي ۽ خطرناڪ لمحو آهي، ڪيترن ئي حوالن سان آمريڪا سميت سڄي دنيا جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، اڄ اسان ڊونلڊ ٽرمپ جي آمريت کي رد ڪريون ٿا، ۽ نه رڳو ٽرمپ پر ٻين ارب پتي ماڻهن کي به “نه” چئون ٿا۔