تهران (م ڊ) ايران جي وزارت صحت پاران جاري جنگ دوران ٿيندڙ جاني نقصانن بابت تازا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، جنهن موجب آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيندڙن جو انگ وڌي 2076 تائين پهچي ويو آهي. ايراني اختيارين موجب شهيد ٿيندڙن ۾ 216 معصوم ٻار به شامل آهن، جيڪي انهن حملن جو شڪار ٿيا آهن. ايراني وزارت صحت جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهن حملن ۾ هينئر تائين مجموعي طور تي 26 هزار 500 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جن ۾ 1767 ٻارڙا به شامل آهن. رپورٽ موجب جنگ جي ڪري ملڪ جي صحت جو نظام پڻ سخت متاثر ٿيو آهي ۽ هينئر تائين 336 طبي مرڪزن ۽ اسپتالن کي تباهه ڪيو ويو آهي يا انهن کي سخت نقصان پهچايو ويو آهي. عالمي خبرون ڏيندڙ ادارن موجب ايران ۾ جاري انهن حملن سبب انساني بحران وڌيڪ شديد ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.