تهران/اسلام آباد/واشنگٽن/صنعا (ع آ نيوز) ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري جنگ هاڻي پوري خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي رهي آهي. يمن جي حوثي باغين پهريون ڀيرو اسرائيل تي ميزائل حملي جي تصديق ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي، حوثي گروپ چيو آهي ته هنن اسرائيل تي بيلسٽڪ ميزائلن سان حملو ڪيو، جنهن ۾ والاريل اولهندي ڪناري جي ڏاکڻن علائقن ۾ اسرائيلي فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو. حوثي گروپ جو چوڻ آهي ته حملو لبنان، ايران، عراق ۽ فلسطين ۾ شهرين جي شهادت ۽ بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ جي ردعمل ۾ ڪيو ويو آهي، هدف حاصل ٿيڻ تائين ڪارروائيون جاري رهنديون. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي جهاز بردار سامونڊي ٻيڙي جيرالڊ تي ايراني حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ايران دنيا جي سڀ کان وڏي جهاز بردار ٻيڙي کي 17 مختلف رخن کان نشانو بڻايو. يمن جي حزب الله طرفان اسرائيل خلاف پهريون ڀيرو زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل جو استعمال ڪيو آهي.عرب ميڊيا موجب، لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله بيروت ۾ اسرائيلي جنگي جهاز تي زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل فائر ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايران اسرائيل تي ڪلسٽر بمن ذريعي حملو ڪيو، جڏهن ته ڪويت ۾ آمريڪا جا 6 بحري جهاز تباهه ڪرڻ ۽ دبئي جي سامونڊي ڪناري ۽ هوٽل تي حملا ڪري ڪيترن آمريڪي فوجين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.روسي ميڊيا موجب، تل ابيب ۾ گهڻ ماڙ عمارتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ميزائل اسرائيلي فضا ۾ داخل ٿيندي ئي سائرن وڄڻ لڳا، جنهن کانپوءِ ماڻهو شيلٽرز ۾ وڃڻ تي مجبور ٿي ويا.اسرائيل ڪلسٽر بمن جي حملي ۾ هڪ ڄڻي جي مارجڻ ۽ ٻن زخمين جي تصديق ڪئي آهي. پاسداران انقلاب موجب ”وعده صادق 4“ آپريشن تحت دشمن تي حملي جي 84هين لهر ۾ دبئي جي سامونڊي پٽي ۽ هڪ هوٽل ۾ آمريڪي اهلڪارن کي آپگهاتي ڊرونز ذريعي نشانو بڻايو ويو.سعودي عرب جي علائقي الخرج ۾ پرنس سلطان ايئربيس کي به نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جتي ري فيولنگ ۽ ايئرسپورٽ فليٽ کي هدف بڻايو ويو. هڪ آمريڪي عهديدار ٻڌايو ته ايراني حملي۾ 12 آمريڪي فوجي زخمي ٿيا، جن مان 2 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاسداران انقلاب ايران جي ايرو اسپيس سربراهه جنرل ماجد موسوي تصديق ڪئي آهي ته اسرائيل ايران جي انفرا اسٽرڪچر تي حملو ڪيو آهي. جنرل ماجد موسوي چيو ته توهان اسان کي اڳ به آزمائي چڪا آهيو، دنيا اوهان کي ٻيهر باهه سان کيڏندي ڏسي رهي آهي، هن ڀيري اوهان ايران جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻايو آهي، هاڻي جواب جو انتظار ڪريو.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان باوجود اسرائيل ايران جي توانائي ڍانچن تي حملو ڪيو.