ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته حڪومت اسان کي پنهنجي ئي شهرن ۾ شهيدن ۽ قومي اڳواڻن جي ياد ۾ پروگرام ڪرڻ کان روڪي ڪهڙي واٽ تي وٺي وڃڻ چاهي ٿي؟ گلشن حديد ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مرحوم اڳواڻ ڊاڪٽر انعام سيال جي ياد ۾ رٿيل جلسي واري هنڌ تي پوليس اٽالا بيهاري زبردستي پنڊال اکاڙيو ويو، جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو ته اسان هميشه سائين جي ايم سيد جي فلسفي ۽ شهيد بشير خان قريشي جي مشن تي هلندي عدم تشدد واري پاليسي اختيار ڪئي آهي، پر رياستي ادارا اسان کي ان واٽ تان هٽائڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن. هن پيپلز پارٽي جي حڪومت کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن اسان کي روڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ پي پي اڳواڻن جي رستا روڪ ڪئي ويندي ۽ کين جلسا ڪرڻ نه ڏنا ويندا. ٻئي طرف، تمام تر رڪاوٽن باوجود جسقم ڪراچي ڊويزن جي آرگنائيزر ڊاڪٽر انعام سيال جي چاليهي جي تقريب گلشن حديد جي ڪاشانا ڪرسٽل لان ۾ منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ، سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻ ماجد ملاح، جسقم اڳواڻ مختيار سنڌي، پريس ڪلب ملير جي صدر صدرالدين شيخ سميت سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ مرحوم ڊاڪٽر انعام سيال جي ايثالِ ثواب لاءِ دعا گهري وئي ۽ لنگر نياز ورهايو ويو. اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ شهيدن جي مشن کي جاري رکڻ جو عزم ورجايو.