ڪراچي/ڏهرڪي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چيو آهي ته آمريڪا-ايران جنگ ۾ وزيراعظم پاران ڪفائت شعاري جو اعلان ڀليڪار لائق آهي، پر ان جي شروعات حڪمرانن کي پنهنجي ذات کان ڪرڻ گهرجي هئي۔قومي خزاني مان چيئرمين سينيٽ لاءِ 9 ڪروڙ جي گاڏي، وزيراعليٰ پنجاب لاءِ 11 ارب جو جيٽ جهاز، وڏو ڪابينا، درجنين گاڏين جي پروٽوڪول سان گشت قول ۽ فعل ۾ کليل تضاد جي نشاندهي ڪري ٿو۔حڪمرانن جون عياشيون جاري آهن ۽ سڄو بار عوام تي وجهڻ ظلم ۽ زخمن تي لوڻ ڇٽڻ برابر آهي۔ جنگ کي جواز بڻائي راتون رات پيٽرول جي اگهن ۾ اضافو عوام جي کيسن تي ڌاڙو آهي، جڏهن ته تعليمي ادارن جي بندش نوجوان نسل کي تعليم کان محروم ڪرڻ برابر آهي۔جنگ زده ملڪ ايران ۾ تعليمي ادارا کليل آهن، ملازمن جي پگهارن ۾ 60 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هتي مهانگائي جو طوفان ۽ اسمارٽ لاڪ ڊائون ذريعي عوام جي مشڪلاتن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي۔ اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي جي هڪ وفد جي قيادت ۾ پير آف ڀر چونڊي شريف ۽ اڳوڻي ايم اين اي ميان عبدالحق عرف ميان مٺو سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي اندروني ۽ بين الاقوامي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي. ان موقعي تي مفتي محمد يوسف مزاري ، برادر علي حسن منصوري مولانا ابو بڪر منصوري سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا۔ حافظ نصرالله چنا اوٻاڙو ۾ مرڪز اسلامي ۾ منعقد ٿيل عيد ملن تقريب ۽ تنظيمي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت اسمارٽ لاڪ ڊائون ۽ تعليمي ادارا بند ڪرڻ بدران ڪرپشن ۽ پنهنجي شاهانه خرچن جو لاڪ ڊائون ڪري حافظ نصرالله عزيز چنا جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي وفد مرڪزي اڳواڻ سنڌ ترقي پسند ايڊووڪيٽ جام عبدالفتاح سميجو سان ملاقات ڪئي ۽ کين عمره جي سعادت حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.