ٽرمپ پاران محمد بن سلمان لاءِ اڻ وڻندڙ لفظن جو استعمال

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)آمريڪي صدر ٽرمپ پاران سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان  لاءِ اڻ وڻندڙ لفظن جو استعمال ڪيو ويو آهي۔آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو جڏهن تعريف ڪندو  آهي ته تمام گهڻي ڪندو آهي، ۽ جڏهن تنقيد ڪندو آهي ته به ڪا ڪسر ناهي ڇڏيندو۔ميامي ۾ سعودي انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪندي هن چيو ته محمد بن سلمان کي خبر نه هئي ته کيس منهنجي چاپلوسي ڪرڻي پوندي۔ هن وڌيڪ چيو ته محمد بن سلمان سمجهندو هو ته ٽرمپ به ٻين آمريڪي صدرن وانگر ڪو ناڪام شخص هوندو، جن جي دور ۾ ملڪ زوال جو شڪار رهيو۔آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته هاڻي محمد بن سلمان کي مون سان عزت سان ڳالهائڻوپئجي رهيو آهي توهان کيس ٻڌايو ته هن لاءِ بهتر آهي ته هو مون سان احترام سان ڳالهائي، کيس ائين ڪرڻو ئي پوندو۔سعودي ولي عهد بابت ٽرمپ جي انهن رمارڪس کي سڄي دنيا ۾ تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.