نيپال ۾ وڏي سياسي تبديلي، ريپر بليندر شاهه نئون وزيراعظم چونڊجي ويو

کٽمنڊو (عوامي آواز رپورٽ) نيپال ۾ هڪ وڏي سياسي انقلاب کانپوءِ ريپر مان سياستدان بڻجندڙ 35 ورهين جو بليندر شاهه ملڪ جو نئون وزيراعظم چونڊجي ويو آهي. بدعنواني خلاف عوامي تحريڪ کانپوءِ ٿيل چونڊن ۾ بليندر شاهه جي راشٽريا سواتنترا پارٽي پارليامينٽ ۾ وڏي اڪثريت حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ هو دنيا جي گهٽ عمر وزيراعظم ۾ شامل ٿي ويو آهي. بليندر شاهه، جيڪو کٽمنڊو جو ميئر به رهي چڪو آهي، پنهنجي ريپ موسيقي ۽ ڪرپشن مخالف سخت موقف سبب نوجوانن ۾ انتهائي مقبول آهي. ٻئي طرف،  نيپالي پوليس ڪالهه صبح جو سوير ڪارروائي ڪندي اڳوڻي وزيراعظم ڪي پي شرما اولي ۽ اڳوڻي گهرو وزير رميش ليکڪ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ترجمان ابي نارائن ڪيڦل موجب، اهي گرفتاريون ڪابينا جي ان فيصلي تي عملدرآمد لاءِ ڪيون ويون آهن جيڪو ’جنريشن زي‘ احتجاج جي جاچ ڪندڙ ڪميشن جي رپورٽ جي سفارشن تي ڪيو ويو هو. گرفتاري کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم جي حامين روڊن تي نڪري احتجاج ڪندي حڪومت تي سياسي انتقام جو الزام لڳايو آهي، جڏهن ته موجوده گهرو وزير جو چوڻ آهي ته قانون کان مٿانهون ڪو به ناهي ۽ هي انصاف جي شروعات آهي. ياد رهي ته گذريل سال سيپٽمبر ۾ نيپال ۾ سوشل ميڊيا تي پابندي، ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي خلاف شروع ٿيل جنريشن زي احتجاج دوران پرتشدد واقعن ۾ 76 ماڻهو مارجي ويا هئا، جنهن کانپوءِ ان وقت جي وزيراعظم ڪي پي شرما اولي کي استعيفيٰ ڏيڻي پئي هئي. ليڪ ٿيل رپورٽ موجب اولي، ليکڪ ۽ اڳوڻي پوليس چيف خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي هئي، جنهن تي هاڻي عمل شروع ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.