ايران پاران ٻن پاڪستاني جهازن کي آبناءِ هرمز مان گذرڻ جي اجازت

ڪراچي (رپورٽر) ايران پاران ٻن پاڪستاني جهازن کي آبنائي هرمز مان گذرڻ جي خاص اجازت ڏني وئي آهي. شپنگ ذريعن موجب پي اين ايس سي جو جهاز ملتان ۽ چارٽرڊ جهاز پي اليڪي آبنائي هرمز مان ٻاهر نڪري آيا آهن. ذريعن ٻڌايو آهي ته چارٽرڊ جهاز پي اليڪي ۾ ساڍا 8 ڪروڙ ليٽر خام تيل لڏيل آهي ۽ ٻئي جهاز 31 مارچ تي پاڪستان پهچندا. ياد رهي ته ٻئي جهاز علائقي ۾ جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ گذريل هڪ مهيني کان فارسي نار ۾ ڦاٿل هئا، جن گذريل ڏينهن خليجي ملڪن جي ويجهو هرمز جو سفر شروع ڪيو هو. واضح رهي ته ايران ان کان اڳ به پاڪستاني جهازن کي آبنائي هرمز تان گذرڻ لاءِ خاص اجازت ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.