بيروت/جزين (م ڊ) ڏکڻ لبنان جي شهر جزين ويجهو اسرائيلي فوج جي فضائي حملي ۾ ميڊيا جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 صحافي شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. اسرائيلي فوج صحافين جي گاڏي تي 4 ميزائل فائر ڪيا، جنهن ۾ لبناني اداري الميادين سان لاڳاپيل عورت صحافڻ فاطما فتوني، سندس ڀاءُ ۽ ڪيمرامين محمد فتوني ۽ المنار ٽي وي جو ناميارو صحافي علي شعيب شهيد ٿي ويا. رپورٽن موجب، جڏهن زخمي صحافين جي مدد لاءِ ايمبولينس پهتي ته اسرائيلي فوج امدادي ڪارڪنن کي به نشانو بڻايو، جنهن ۾ طبي عملي جو هڪ ميمبر پڻ شهيد ٿي ويو. اسرائيلي فوج پنهنجي بيان ۾ حملي جو اعتراف ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته علي شعيب حزب الله جي انٽيليجنس يونٽ جو رڪن هو، پر ميڊيا ادارن ۽ لبناني اختيارين انهن الزامن کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته هو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان صحافتي ذميواريون نڀائي رهيو هو. لبناني صدر جوزف عون سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته عالمي قانونن تحت صحافين کي تحفظ حاصل هوندو آهي ۽ اسرائيل جو هي قدم انسانيت ۽ عالمي اصولن جي سراسر ڀڃڪڙي آهي. ياد رهي ته لبناني ميڊيا موجب، تازي ڪاررواين ۾ هينئر تائين 6 لبناني صحافي شهيد ٿي چڪا آهن. لبنان جي وزارت صحت موجب 2 مارچ کان جاري اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو مجموعي انگ 1142 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 3315 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.