سنڌ ۾ ڪڻڪ اگهه في مڻ ساڍا ٽي هزار رپيا:بارداڻي بدران رقم ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سنڌ حڪومت هلندڙ سال لاءِ ڪڻڪ خريداري پاليسيءَ جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت پهرين اپريل کان صوبي جي 109 سينٽرن تان 10 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي ويندي. ڪراچي ۾ سنڌ ڪابينا جي سب ڪميٽي جي ميمبرن مخدوم محبوب الزمان، ڄام خان شورو، مڪيش ڪمار چاولا ۽ گيان چند اسراڻي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 3500 رپيا في 40 ڪلو مقرر ڪيو ويو آهي. خوراڪ واري صوبائي وزير مخدوم محبوب  الزمان ٻڌايو ته هن ڀيري خريداريءَ واري عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ رڳو انهن هارين کان ڪڻڪ ورتي ويندي جيڪي هاري ڪارڊ تي رجسٽرڊ آهن. هن چيو ته حڪومت هن سال باردانو فراهم نه ڪندي، پر هاري پنهنجو باردانو پاڻ آڻيندا جنهن جي عيوض کين 60 رپيا في ٻوري ادائيگي ڪئي ويندي، جيڪا رقم سنڌ بئنڪ ذريعي سڌو هارين جي کاتن ۾ پهچندي. هن وڌيڪ چيو ته ڪرپشن خلاف سخت ايڪشن کڻندي ڪيترن ئي آفيسرن کي معطل ۽ برطرف ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو ميڊيا ۾ ڪڻڪ چوري بابت هلندڙ خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته خوراڪ کاتي وٽ ڪڻڪ جو مڪمل رڪارڊ موجود آهي ۽ هن وقت به 2 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ اسٽاڪ ۾ موجود آهي. صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته هاري ڪارڊ اسڪيم ذريعي آبادگارن کي ڀاڻ ۽ ٻين سهولتن ۾ پهريان ئي وڏو رليف ملي چڪو آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته خوراڪ ۽ زراعت کاتا ملي ڪري هڪ ڊجيٽل پورٽل جوڙيندا ته جيئن ڪڻڪ جي پيداوار ۽ خريداريءَ جو سمورو ڊيٽا محفوظ رهي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.