واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان ڇڪتاڻ بابت سخت موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته اها ايران جي ذميواري آهي ته هو کيس جنگ بند ڪرڻ تي قائل ڪري، کيس ان ڳالهه جي ڪا پرواهه ناهي ته ڪا ڊيل ٿئي ٿي يا نه. ميڊيا رپورٽن موجب، ٽرمپ انتظاميا ايران خلاف فوجي ڪارروائي ۾ وڏي پيماني تي شدت آڻڻ جي منصوبن تي غور ڪري رهي آهي. آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سفارتي ڪوششون ناڪام ويون ته پينٽاگون رڳو فضائي حملن تائين محدود نه رهندو، پر ايران جي اندر اهم حدفن تي قبضي لاءِ زميني فوج پڻ لاهي سگهجي ٿي. رپورٽن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته انهن منصوبن ۾ ايران جي حساس فوجي ٺڪاڻن ۽ جوهري پروگرام کي نشانو بڻائڻ شامل آهي. خاص طور تي زمين اندر موجود افزوده يورينيم کي تباهه ڪرڻ يا پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ جا آپشنز پڻ غور هيٺ آهن. ان سان گڏوگڏ، تيل جي عالمي سپلاءِ کي محفوظ بڻائڻ بهاني آمريڪا ايران جي اهم’خارگ ٻيٽ تي قبضو ڪرڻ يا تيل جي بنيادي ڍانچي تي وڏي پيماني تي حملن جو جائزو وٺي رهيو آهي، ياد رهي ته خارگ ٻيٽ ايران جي 90 سيڪڙو تيل جي برآمدات جو مرڪز آهي. مبصرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آمريڪا زميني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ته اهو تڪرار هڪ مڪمل عالمي جنگ جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو، جنهن جا اثر عالمي معيشت تي انتهائي خطرناڪ هوندا. ٻئي طرف، ايراني سرڪاري ميڊيا جو چوڻ آهي ته تهران کي واشنگٽن جي ڳالهين واري نيت تي سخت شڪ آهي ۽ هو ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن.