سنڌ ۾ امڪاني برساتون: پي ڊي ايم اي جا انتظام مڪمل

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير جي بحالي بابت صلاحڪار  گيانچند ايسراڻي صوبي ۾ امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکنديريسڪيو 1122 کي متحرڪ ۽ هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. ريسڪيو 1122 ۽ پي ڊي ايم اي طرفان سمورا اڳواٽ حفاظتي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن۔ گيانچند ايسراڻي چيو ته ريسڪيو 1122 جو عملو مڪمل طور ضلعي انتظاميا سان رابطي ۾ ۽ فيلڊ ۾ موجود آهي۔ سڀني فوڪل پرسنز جي فهرست لاڳاپيل ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن ڏانهن موڪلي وئي آهي۔ صوبي ۾ برساتن کي نظر ۾ رکندي مختلف حادثن کي منهن ڏيڻ لاءِ ريسڪيو 1122 جون ٽيمون بروقت رسپانس ڏينديون۔ وڏي وزير جي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ريسڪيو ٽيمون ۽ مشينري فيلڊ ۾ تيار آهي۔ امڪاني تيز هوائن ۽ ڳڙن واري برسات کي نظر ۾ رکندي حساس علائقن جي خاص نگراني ڪئي ويندي۔ڪراچي ۾ حساس هنڌن جهڙوڪ شاهراه فيصل، ٽي تلوار ۽ ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾ ريسڪيو اهلڪارن جي اڳواٽ تعيناتي ڪئي پئي وڃي۔ ريسڪيو ٽيمن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هنگامي رسپانس جو وقت گهٽ کان گهٽ رکيو وڃي ۽ فوري امدادي ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي۔وڏي وزير جي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي ڊي جي ريسڪيو 1122 کي روزاني بنيادن تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته تيز برسات دوران بجلي جي ٿبن، ٽٽل تارن ۽ پاڻي ۾ ٻڏل بجلي جي اوزارن کان هرگز پري رهن۔ شهري گاڏي هلائيندي احتياط ڪن، غير ضروري سفر کان پاسو ڪن ۽ پاڻي سان ڀريل رستن جو انتخاب نه ڪن۔ گهرن جي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڇتين ۽ ڪمزور ڍانچن جي ويجهو بيهڻ کان پاسو ڪيو وڃي۔ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري طور ريسڪيو 1122 کي اطلاع ڏيو۔ برساتن دوران ٽريفڪ ۽ شهري سهولتن جي بحالي لاءِ لاڳاپيل ادارا هم آهنگي سان ڪم ڪن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.