مسلمان مرد شرعي طور اهلِ ڪتاب عورتن سان نڪاح ڪري سگهن ٿا: وفاقي آئيني عدالت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت 18 سالن کان گهٽ عمر جي عيسائي ڇوڪرين جي مسلمان ڇوڪرن سان شادي تي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
آئيني عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته مسلمان مرد شرعي طور اهلِ ڪتاب عورتن سان نڪاح ڪري سگهن ٿا، چائلڊ ميرج ايڪٽ تحت ننڍي عمر جي شادي تي سزا ٿي سگهي ٿي پر نڪاح ختم نٿو ٿي سگهي.
عدالتي فيصلي موجب ننڍي عمر جي شادي تي قانون ۾ رڳو فوجداري سزا جو ذڪر آهي، ڇوڪريءَ نڪاح کان اڳ اسلام قبول ڪيو، جنهن جو ڊڪليريشن به موجود آهي، قيد جي درخواست ۾ ڇوڪريءَ جي عمر، دارالافتا جي دستاويز جي درستگي جو جائزو نٿو وٺي سگهجي.
فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آئيني تشريح لاءِ حتمي فورم سپريم ڪورٽ نه پر وفاقي آئيني عدالت ئي آهي، سپريم ڪورٽ سميت سموريون عدالتون آئيني عدالت جو حڪم مڃڻ جون پابند آهن پر آئيني عدالت سپريم ڪورٽ جي واضح ڪيل اصولن تي عملدرآمد جي پابند ناهي، سپريم ڪورٽ جا جيڪي فيصلا آئين ۽ قانون سان ٽڪراءُ هجن، آئيني عدالت اهي مثال مڃڻ جي پابند ناهي.
عدالتي فيصلي موجب ڇوڪريءَ جي پيءُ ايف آءِ آر ۾ ڌيءُ جي عمر 13 کان 14 سال ۽ دليلن ۾ 12 سال 9 مهينا ٻڌائي، سندس بيانن ۾ تضاد آهي، ڇوڪريءَ ميجسٽريٽ سامهون پيش ٿي بيان ڏنو، ان پنهنجي مرضيءَ سان بنا ڪنهن دٻاءَ جي نڪاح ڪيو.
واضح رهي ته لاهور واسڻ ماريا بي بي اسلام قبول ڪري شهريار سان شادي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.