واشنگٽن (عوامي آواز نيوز)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جنگ جي ذميواري پنهنجي وزير دفاع پيٽ هيگسٿ تي وجهي ڇڏي. آمريڪي رياست ٽينيسي ۾ گذريل ڏينهن هڪ گول ميز اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽرمپ چيو ته فوجي ڪارروائي جي حمايت سڀ کان پهرين پيٽ هيگسٿ ڪئي هئي.هن پيٽ هيگسٿ جي موجودگي ۾ چيو ته منهنجو خيال آهي ته توهان ئي ٻڌايو، ڇو ته توهان ئي جنگ جي ڳالهه ڪئي هئي. توهان انهن (ايران) کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهو. هي بيان اهڙي جنگ جي تناظر ۾ سامهون آيو آهي جنهن جي شروعات بابت اڳ ئي ڪيترائي متضاد دعويٰ سامهون اچي چڪا آهن.ميڊيا رپورٽن موجب ايران خلاف جنگ ڇو شروع ڪئي وئي؟ ان سوال تي ٽرمپ انتظاميا جا مختلف عهديدار مختلف جواب ڏيندي نظر اچن ٿا.