آبناءِ هرمز جي بندش آمريڪا کي گوڏا کوڙايا، اسرائيل جنگ بندي قبول ڪندو؟

لاهور(مبشر لقمان)”ملين ڊالر سوال“ اهو آهي ته ٻه ڏينهن اڳ ٽرمپ ايران جي سڀني گرڊ اسٽيشنز تباهه ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ايران کي غير مشروط سرينڊر ڪرڻ لاءِ 36 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو هو، پر پوءِ اوچتو ڇا ٿيو جو پنهنجي ڏنل ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان اڳ ئي هن عارضي جنگ بندي جو اعلان ڪري ڇڏيو؟ٻيو اهم سوال اهو آهي ته ڇا اسرائيل ۽ ايران به هن جنگ بندي جو احترام ڪندا؟۽ ٽيون سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان هن عظيم سفارتي امتحان ۾ ڪامياب ٿي سگهندو؟آمريڪا جنگ جي ميدان مان نڪري سڌو ڳالهين جي ٽيبل تي ڇو آيو؟ ان جا ڪيترائي سبب آهن.سڀ کان پهرين توهان ڏسو ته فوجي محاذ تي آمريڪا کي ڪيترو نقصان ٿيو. ڪويت ۾ ٽي آمريڪيجهاز پنهنجي ئي ايئر ڊيفنس سسٽم جي غلطي سبب تباهه ٿيا. هڪ آمريڪي ريفيولنگ جهاز پنهنجي ئي جهاز سان ٽڪرائجي تباهه ٿي ويو. قطر ۽ يو اي اي ۾ ٻه هيليڪاپٽر پنهنجن علائقن ۾ ڪري تباهه ٿي ويا. بحرين ۾ پيٽريوٽ ميزائل غلطي سان ڪري پيو ۽ نقصان ٿيو.ان کان علاوه هڪ آمريڪي جهاز بردار ٻيڙو(ڪيريئر) کي مبينا طور هڪ ايراني ميزائل لڳو، جنهن کان پوءِ شڪ پيدا ٿيو ته شايد ان بيڙي ۾ موجود جهازن کي پاڻ ئي باهه ڏني وئي ته جيئن انهن کي جنگ ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو وڃي.نيويارڪ ٽائمز مطابق هڪ ڪينيڊين مسافر جهاز فائر فائٽنگ ٽرڪ سان ٽڪرائجي ويو، جنهن ۾ ٻه پائلٽ مارجي ويا. آمريڪا جو F-35 جهڙو جديد اسٽيلٿ جهاز به هڪ ميزائل سان نشانو بڻيو.آمريڪا اڃا تائين انهن نقصانن جي ڪا واضح وضاحت پيش نه ڪئي آهي، ۽ نه ئي روس يا چين تي اهو الزام لڳايو ويو آهي ته اهي ايران کي ٽيڪنالاجي فراهم ڪري رهيا آهن.پر جڏهن ايران ڊياگو گارشيا (برطانوي بيس) تي ميزائل فائر ڪيا، ته صورتحال تبديل ٿيڻ شروع ٿي وئي. جيتوڻيڪ اهي حملو مڪمل طور ڪامياب نه ٿيو، پر ان يورپ کي خبردار ڪري ڇڏيو ته ايران جي ميزائل رينج 2,000 کان 5,000 ڪلوميٽر تائين پهچي سگهي ٿي، جنهن جو مطلب آهي ته لنڊن، پيرس ۽ ميلان به خطري ۾ اچي سگهن ٿا. ان سان مغربي انٽيليجنس به پريشان ٿي وئي.جيئن ته فوجي نقصان، هڪ سپر پاور لاءِ شايد ايترو اهم نه هجي، پر اصل ڳالهه جيڪا آمريڪا کي ڳالهين جي ميز ڏانهن وٺي آئي، اها عالمي توانائي بحران آهي.آبناءِ هرمز اڃا تائين بند آهي، نار مان تيل جي سپلائي متاثر آهي، ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون تقريباً 100 ڊالر في بيرل تائين پهچي چڪيون آهن. مستقبل ۾ اهو بحران وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿو.جاپان پنهنجي توانائي لاءِ ريزرو استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهي، يورپي يونين ۾ سلووينيا پهريون ملڪ آهي جنهن راشننگ سسٽم لاڳو ڪيو آهي، فلپائن ڪوئلي وارا پاور پلانٽ بند ڪري ڇڏيا آهن، ۽ ميانمار ايٽمي پاور لاءِ روس سان تعاون جو اعلان ڪيو آهي.ٻئي طرف ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سندس پاور پلانٽس يا تيل ۽ گيس جي فيلڊز تي حملو ٿيو ته هو خليج جي ملڪن جهڙوڪ قطر، يو اي اي، ڪويت ۽ بحرين جي پاور ۽ پاڻي جي نظام کي نشانو بڻائيندو. انهن ملڪن لاءِ بجلي بند ٿيڻ جو مطلب آهي زندگي جو مڪمل ختم ٿيڻ، ڇو ته اتي پيئڻ جو پاڻي به سمنڊ مان صاف ڪري حاصل ڪيو وڃي ٿو، جيڪو بجلي تي دارومدار رکي ٿو.ايران جي هن ڌمڪي صدر ٽرمپ کي پنهنجي ئي ڊيڊ لائين تان پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. قطر، يو اي اي، بحرين ۽ ڪويت گڏجي آمريڪا تي دٻاءُ وڌو ته ايران سان ڳالهين ذريعي جنگ بندي ڪرائي وڃي.بي بي سي جي نمائندي فرانڪ گارڊنر به پنهنجي ڳالهه ۾ ان صورتحال جي تصديق ڪئي آهي.هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا اسرائيل به هن جنگ بندي جو احترام ڪندو؟شروع کان ئي واضح آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جا مقصد مختلف آهن. آمريڪا جو مقصد ايران جو ايٽمي پروگرام ۽ جزوي طور ميزائل پروگرام آهي، جڏهن ته نيتن ياهو جا ارادا وڌيڪ وسيع آهن. هو صرف ايران نه، پر پوري وچ اوڀر کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. هو ايران جي انفراسٽرڪچر، اسڪولن، اسپتالن، پاڻي ۽ گيس جي نظام تي حملا ڪري رهيو آهي ته جيئن ايران مجبور ٿي ٻين نار جي  ملڪن تي حملو ڪري.نيتن ياهو جو مقصد اهو آهي ته مسلمان ملڪن کي پاڻ ۾ ويڙهائي پوءِ پاڻ پاسي ٿي وڃي.جڏهن ٽرمپ پنج ڏينهن جي عارضي جنگ بندي جو اعلان ڪيو، ته نيتن ياهو فوراً ٽي وي تي اچي چيو ته اسرائيل پنهنجا حملا جاري رکندو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو امن نٿو چاهي.پاڪستان، ترڪي، مصر، روس ۽ چين گڏجي بئڪ ڊور ڊپلوميسي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جنهن جي خبر به بين الاقوامي ميڊيا تائين پهتي آهي.جڏهن ٽرمپ کان پڇيو ويو ته ايران سان ڳالهين لاءِ ڪهڙي شخصيت هوندي، ته هن نالو ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته جيئن ان شخص کي نشانو نه بڻايو وڃي. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته اسرائيل انهن ماڻهن کي نشانو بڻائڻ چاهي ٿو جيڪي امن جي حمايت ڪن ٿا.جيڪڏهن ايران ۽ آمريڪا جون ڳالهيون اسلام آباد ۾ ٿين ٿيون، ته پاڪستان لاءِ اها وڏي ڪاميابي هوندي ۽ نيتن ياهو جا منصوبا ناڪام ٿي سگهن ٿا.هي پاڪستان لاءِ هڪ وڏو امتحان آهي، پر پاڪستان اڳ به اهڙين حالتن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري چڪو آهي، انشاءالله هن ڀيري به ڪامياب ٿيندو.آخر ۾ اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ايران خليج جي ڪجهه ملڪن کي نشانو بڻايو، پر سعودي عرب کي نه. اهو به پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جو نتيجو سمجهيو وڃي ٿو.هن وقت اصل مسئلو آمريڪا آهي. جيڪڏهن آمريڪا جنگ مان نڪري وڃي ٿو ته اسرائيل جي پوزيشن پاڻمرادو ڪمزور ٿي ويندي. جڏهن هي جنگ ختم ٿيندي، تڏهن نيتن ياهو جي اقتدار جو زوال به شروع ٿي سگهي ٿو.هو اندروني طور تي به دٻاءُ هيٺ آهي ۽ شايد ان ڪري مسلسل جنگي صورتحال پيدا ڪندو رهي ٿو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 25 مارچ  2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.