واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)آمريڪي اخبار دي نيويارڪ ٽائمز موجب نار ۾ جاري جنگ ڀارت جي معيشت لاءِ وڏو ڌڪ ثابت ٿي رهي آهي۔ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن هي صورتحال ڊگهي عرصي تائين جاري رهي ته ڀارت جي مالي وسيلن تي سخت دٻاءُ پوندو۔اخبار موجب، ڀارت ۾ گهريلو گيس جي کوٽ اڳ ئي صارفين لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهي آهي، جنهن سان عوام وڌيڪ پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي،اخبار وڌيڪ ٻڌايو ته جنگ سبب ڀارتي برآمد۽ نار جي ملڪن مان ايندڙ ترسيلات زر به سخت خطري ۾ آهن۔ٻئي پاسي، گذريل هڪ مهيني دوران ڀارت جي اسٽاڪ مارڪيٽ لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو تائين ڪري چڪي آهي، جيڪا معاشي بيچيني جي نشاندهي ڪري ٿي۔