آمريڪا آبنائي هرمز ڌمڪين سان نٿو کولرائي سگهي

تحرير: سيد مجاھد علي

صدر ڊونلڊ ٽرمپ آبنائي هرمز کولرائڻ لاءِ ايران جي پاور پلانٽن کي نشانو بڻائڻ واري حڪم کي پنجن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران سان ڳالهيون هلي  رهيون آهن. تنهن هوندي به اهڙي جنگ ۾، جتي دنيا جي سپر پاور پنهنجي سموري فوجي طاقت سان هڪ نسبتاً ڪمزور ۽ ننڍي ملڪ تي حملو آور هجي، اهڙي قسم جون ڌمڪيون انتهائي غير انساني، بيوقوفاڻيون ۽ سڄي علائقي کي وڏي تباهي ڏانهن ڌڪڻ جي برابر آهن. بيشڪ ايران آمريڪا لاءِ گهڻي عرصي کان هڪ تڪليف جو سبب رهيو آهي، پر وچ اوڀر جا اڪثر عرب ملڪ ته گهڻي عرصي کان آمريڪا جا وفادار ساٿي رهيا آهن. انهن اسرائيل جي هڪطرفي ۽ شدت پسندانه حمايت باوجود به آمريڪا جو ساٿ ڏنو، ان جي معيشت ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي ۽ نام نهاد “حفاظت” جي نالي تي پنهنجي سرزمين آمريڪي فوجي اڏن لاءِ فراهم ڪئي ته جيئن آمريڪا هن سڄي خطي ۾ پنهنجي مرضي هلائي سگهي. ان باوجود جيڪڏهن ڪو آمريڪي صدر صرف هڪ “دشمن” ملڪ کي هيٺ ڏيکارڻ لاءِ ان جي بجلي گهرن کي نشانو بڻائي ايران کي اوندهه ۾ ڌڪڻ چاهي ٿو ته حقيقت ۾ اهو هڪ ڪمزور ملڪ آڏو پنهنجي بيبسي جو اعتراف هوندو ۽ وچ اوڀر ۾ موجود آمريڪا جي پراڻن اتحادي ملڪن لاءِ به وڏي تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

هن وقت عرب ملڪن تي ايراني ميزائل حملن جو بنيادي سبب اتي موجود آمريڪي فوجي اڏا آهن يا اهو ته انهن ملڪن اسرائيل ۽ آمريڪا کي پنهنجو فضائي علائقو استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي رکي آهي. عرب ملڪن جو اهو دعويٰ آهي ته سندن سرزمين تي قائم آمريڪي اڏا ايران خلاف استعمال نه ٿيا آهن ۽ نه ئي ايران تي حملو ڪندڙ ملڪن کي انهن جي فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. پر حقيقتن جي روشني ۾ شايد اهي دعوائون صحيح ثابت نه ٿي سگهن. ان کان علاوه ڪو به عرب ملڪ اها وضاحت ڏيڻ جي پوزيشن ۾ به ناهي ته جيڪڏهن هو ايران جا خيرخواهه آهن ۽ آمريڪي اڏا ايران خلاف استعمال ناهن ٿيا ته پوءِ اهي اڏا آخر ڪهڙي مقصد لاءِ قائم ڪيا ويا؟ انهن ملڪن کي ايران کانسواءِ ٻئي ڪنهن ملڪ کان خطرو آهي؟ ڇا ڪڏهن اهي اڏا ۽ آمريڪا کان مهانگي قيمت تي خريد ڪيل جديد هٿيار اسرائيل خلاف استعمال ڪيا ويندا؟ غزه ۾ ڪاررواين دوران اسرائيل قطر تي حملو ڪري حماس جي اڳواڻن کي قتل ڪيو، پر آمريڪا پنهنجي ان لاڏلي ملڪ کي ڪو به سخت جواب نه ڏنو.

صدر ٽرمپ هن وقت ايران سان جنگ ۾ سخت ڦاسي چڪو آهي. هن صورتحال بابت ماهرن جي اڪثريت ۽ آمريڪا جا عرب اتحادي ملڪ گهڻو اڳ کان خبردار ڪندا رهيا هئا. پر 28 فيبروري تي ايران خلاف حملا شروع ڪرڻ کان اڳ نه ڪنهن کي اعتماد ۾ ورتو ويو، نه واضح هدف مقرر ڪيا ويا ۽ نه ئي جنگ مان نڪرڻ جو ڪو رستو طئي ڪيو ويو. هاڻي ٽرمپ روزانو ايران کي صفحي هستي تان مٽائي ڇڏڻ جهڙا بچگانہ ۽ غير حقيقي بيان جاري ڪري رهيو آهي، پر ان جي باوجود هو هن جنگ مان ڪاميابي جو اعلان ڪري نڪري نٿو سگهي.

دنيا جا مبصر ڄاڻن ٿا ته ٽرمپ جهڙو اڳواڻ ڪڏهن به ڪجهه به چئي يا ڪري سگهي ٿو، پر ايران ۾ فوجي ڪارروائي جو معاملو بلڪل مختلف آهي. صاف نظر اچي ٿو ته جيڪڏهن ٽرمپ ايران کي مڪمل شڪست ڏيڻ جو دعويٰ ڪندي جنگ بند ڪرڻ جو اعلان به ڪري ته شايد ئي ڪو ان کي قبول ڪري. دنيا جي سڀ کان طاقتور فوج جي حملن باوجود جڏهن ايران نه شڪست مڃي، نه جهڪڻ لاءِ تيار ٿئي ۽ هڪ کان پوءِ ٻيو اڳواڻ مارڻ باوجود به تهران جي حڪومت قائم رهي ته اهڙي صورتحال ۾ هڪطرفي ڪاميابي جو اعلان ڪير به قبول نه ڪندو. اها ئي ٽرمپ جي سڀ کان وڏي مشڪل آهي. آبنائي هرمز جو مسئلو به اهڙو ئي آهي. صدر ٽرمپ جي شديد خواهش هوندي به ته هي سامونڊي گذرگاهه کليل رهي ۽ سموري بحري ٽريفڪ اتان گذري، هو ايران جو ڪنٽرول ختم ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي. هاڻي هن آبي رستي کي کولرائڻ لاءِ ايران جي پاور اسٽيشنن کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي به اصل ۾ اهو ظاهر ڪري ٿي ته آمريڪي فوج پنهنجي صدر کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو اتان محفوظ سامونڊي سفر جي ضمانت نٿي ڏئي سگهي. گويا آمريڪا ۽ ان جي طاقتور بحري فوج به ايران جي صلاحيت آڏو بيبس نظر اچي ٿي.

انهيءَ خفت کي لڪائڻ لاءِ هاڻي ٽرمپ ڌمڪين ذريعي ايران کي مجبور ڪرڻ چاهي ٿو ته آبنائي هرمز کليل رکي. ايران جي اڳواڻن واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو آمريڪا جي ڌمڪين کان نه ڊڄندا ۽ هن آبي گذرگاهه مان رڳو انهن ملڪن جا جهاز گذرڻ ڏيندا جن کي ايران هن جنگ ۾ آمريڪا جا اتحادي نٿو سمجهي. ٽرمپ جي ڌمڪي جي جواب ۾ ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ان جي بجليءَ جي نظام کي نشانو بڻايو ويو ته هو خطي ۾ توانائي ۽ پاڻيءَ جي سهولتن تي حملا ڪري سگهي ٿو. ايراني فوج جي مرڪزي ڪمانڊ جي ترجمان ابراهيم ذوالفقاري چيو آهي ته ايران نه رڳو تيل ۽ گئس جي تنصيبات، پر پاڻي صاف ڪرڻ وارن پلانٽن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي نظامن کي به نشانو بڻائي سگهي ٿو، خاص طور تي اهي تنصيبات جيڪي آمريڪا يا اسرائيل سان لاڳاپيل هجن.

آمريڪا کانسواءِ خطي جا ٻيا سڀ ملڪ هاڻي اهو تجربو ڪري چڪا آهن ته ايران گهڻو ڪري پنهنجي دعوائن تي عمل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن پاڙيسري عرب ملڪن ۾ آمريڪي اثاثن کي به نشانو بڻايو آهي. ٽي ڏينهن اڳ جڏهن اسرائيل ايران جي ڏاکڻي پارس گيس فيلڊ تي حملو ڪيو ته جواب ۾ ايران قطر، سعودي عرب ۽ بحرين ۾ گيس ۽ تيل جي تنصيبات تي حملا ڪيا. قطر جي راس لفان گيس تنصيبات تي حملي سبب عالمي گيس فراهميءَ ۾ نمايان گهٽتائي اچڻ جو امڪان آهي. انهيءَ جوابي ڪارروائي کانپوءِ ئي صدر ٽرمپ کي واعدو ڪرڻو پيو ته اسرائيل هاڻي ايران جي گيس ۽ تيل جي تنصيبات کي نشانو نه بڻائيندو. ان ڪري امڪان اهو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران ۾ بجليءَ جي نظام کي تباهه ڪري عوام جي تڪليفن ۾ اضافو ڪندو ته ايران به جوابي ڪارروائي ۾ خليجي ملڪن ۾ وڏو نقصان پهچائڻ ۽ عام زندگيءَ کي متاثر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو.

پاور پلانٽن کي نشانو بڻائي حڪومت ڪيرائڻ جي اميد رکڻ انتهاپسندانه سوچ سڏجي سگهي ٿي، ڇو ته اهڙي تباهيءَ جو سڀ کان وڏو اثر عام شهرين جي زندگين تي پوندو. ماڻهو نه رڳو بجليءَ کان محروم ٿيندا پر شهرن ۾ عام زندگي به تقريباً ناممڪن ٿي ويندي. اهو بيگناهه ماڻهن کي سزا ڏيڻ ۽ معصوم زندگين کي خطري ۾ وجهڻ جي برابر هوندو. صدر ٽرمپ کي اهو وساري ڇڏڻ گهرجي ته صرف ڌمڪين سان ايراني اڳواڻ پنهنجي پاليسي تبديل ڪري ڇڏيندا يا آبنائي هرمز کي آمريڪا جي خواهش مطابق کولڻ تي راضي ٿي ويندا. ايران جو اهو مطالبو ڪنهن حد تائين جائز سمجهيو وڃي ٿو ته هي سامونڊي گذرگاهه ايران خلاف آمريڪي جارحيت سبب متاثر ٿيو آهي ۽ جيستائين آمريڪي حملا بند نه ٿيندا، تيسين ان کي بند رکيو ويندو.

آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن سبب ايران ۾ وڏي تباهي ٿي آهي. ان جي ٻيهر تعمير ۾ شايد ڏهاڪا لڳي وڃن ۽ وڏي پئماني تي وسيلا خرچ ڪرڻا پون. هاڻي واضح ٿي رهيو آهي ته آمريڪا تباهي ته آڻي سگهي ٿو، پر ايران کي جهڪائڻ يا شڪست مڃائڻ تي مجبور نه ڪري سگهيو آهي. جيڪڏهن هن مشڪل مان نڪرڻ لاءِ شهري زندگي معطل ڪرڻ جهڙا غير انساني قدم کنيا ويا ته ٽرمپ نه رڳو جنگي ڏوهن جو مرتڪب قرار ڏنو ويندو، پر تاريخ ۾ به سندس نالو هڪ اهڙي صدر طور لکيو ويندو جنهن ظلم، بي تدبيري ۽ غلط فيصلن سان آمريڪا کي شرمندگي ۽ ناڪامي ڏانهن ڌڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.