ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ هاڻي هڪ ڊگهي جنگي صورت اختيار ڪندي پئي وڃي، جيڪا نه رڳو خطي پر پوري دنيا جي معيشت لاءِ خطري جي گهنٽي بڻجي وئي آهي۔ پاڻ کي عالمي سطح تي چالاڪ ۽ غالب ليڊر سمجهندڙ ٽرمپ شايد اهو سمجهي ويٺو هو ته ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي شهادت کان پوءِ هو سياسي ۽ جنگي ميدان ۾ فتح حاصل ڪري چڪو آهي، پر حقيقت ان جي ابتڙ نظر اچي ٿي۔ اڄ هو پاڻ هڪ اهڙي سامونڊي تنگ رستي هرُمز جي حساسيت ۾ ڦاسي پيو آهي، جيڪو ڪنهن به وڏي معاشي بحران جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو۔ ٽرمپ جي وڏي پريشاني اها آهي ته هو هرُمز کي تنگ ڪرڻ نٿو چاهي، ڇاڪاڻ ته هن کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته هتي معمولي ڇڪتاڻ به عالمي سطح تي وڏو ڌماڪو بڻجي سگهي ٿي۔ جيڪڏهن هرُمز بند ٿئي ٿو، ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي فراهمي متاثر ٿيندي، قيمتون آسمان تي پهچي وينديون، ۽ نتيجي طور عالمي معيشت سخت بحران ۾ اچي ويندي۔
ڪاڇاڻ ته سياست جي دنيا ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا هنڌ هوندا آهن، جيڪي نقشي تي ننڍڙا نظر اچن ٿا، پر سندن اهميت سڄي دنيا جي تقدير جو فيصلو ڪندي آهي۔ آبناءِ هرمز به اهڙو ئي هڪ هنڌ آهي۔ هتان روزانو لکين بيرل تيل ۽ سوين جهاز گذرندا هئا ۽ هتي ڪنهن به قسم جي بيچيني سڄي دنيا کي لوڏي سگهي ٿي۔ هرُمز کي بي سبب توانائي جي شهه رڳ نٿو سڏيو وڃي۔ دنيا جو لڳ ڀڳ پنجون حصو تيل هتان گذري ٿو۔ اهو ئي سبب آهي جو ايران هن رستي کي پنهنجي سياسي ۽ عسڪري حڪمت عملي جو اهم هٿيار بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ان کي هر حال ۾ کليل رکڻ لاءِ تيار آهي۔
ٽرمپ جي اڳوڻي دور ۾ ايران خلاف سخت پابندين ۽ پاليسين هن علائقي کي وڌيڪ حساس بڻايو۔ ايران بار بار اشارو ڏنو ته جيڪڏهن ان تي دٻاءُ وڌايو ويو ته هو هن رستي کي بند به ڪري سگهي ٿو۔ اهڙي صورتحال ۾ تيل جون قيمتون بي قابو ٿي سگهن ٿيون ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ افراتفري پکڙجي سگهي ٿي۔ عام حالتن ۾ هرُمز مان روزانو 80 کان 140 جهاز گذرن ٿا، جن ۾ تيل جا وڏا ٽينڪر شامل هوندا آهن۔ پر جڏهن ڇڪتاڻ وڌي ٿي، ته اهو انگ گهٽجي وڃي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن صرف چند جهاز ئي گذري سگهندا آهن۔ اهڙي وقت ۾ انشورنس، سيڪيورٽي ۽ خطري سبب خرچ به وڌي وڃي ٿو، جيڪو آخرڪار عالمي صارف تائين پهچي ٿو۔
سامونڊي رستا هاڻي رڳو واپار جا ذريعا نه رهيا آهن، پر عالمي طاقت جي راند جا اهم اوزار بڻجي چڪا آهن۔ جيڪو ملڪ انهن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، اهو عالمي سياست تي به اثر وجهي سگهي ٿو۔ ايران هن حقيقت کي سمجهي چڪو آهي، جڏهن ته آمريڪا پنهنجي بحري طاقت ذريعي ان توازن کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي۔ موجوده جنگي صورتحال ۾ هن خطي لاءِ به هرُمز جي اهميت انتهائي حساس آهي۔ تيل جي قيمتن ۾ اضافو سڌو سنئون مهانگائي ۽ معاشي دٻاءُ جو سبب بڻجي ٿو.
هاڻي اچون ٿا لفظ هرُمز جي اهميت، حساسيت ۽ تاريخ ڏانهن۔ تحقيق موجب، هرُمز قديم فارسي ٻوليءَ مان نڪتل آهي ۽ ان جو تعلق زرتشتي مذهب جي عظيم ديوتا اهورامزدا سان آهي، جيڪو روشني، سچائي ۽ دانائيءَ جي علامت هو۔ وقت سان گڏ اهو نالو مختصر ٿي هرُمز بڻجي ويو۔ هن لفظ ۾ عظمت، تقدس ۽ اهميت جا مفهوم سمايل آهن، جيڪي اڄ به هن سامونڊي لنگهه جي عالمي حيثيت کي ظاهر ڪن ٿا۔ اهو هڪ دلچسپ تضاد آهي ته هڪ طرف هرُمز جو تعلق قديم مذهبي ۽ تهذيبي ورثي سان آهي، ته ٻي طرف اهو جديد دنيا ۾ عالمي سياست ۽ معيشت جو مرڪز بڻيل آهي۔ ڄڻ ته تاريخ ۽ حال هڪ ئي نالي ۾ گڏجي بيٺا هجن۔
ماضي ۾ ساڳي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين هن صورتحال کي وڌيڪ تيز بڻائي ڇڏيو آهي۔ ٽرمپ هڪ طرف ايران تي معاشي پابندين کي سخت ڪيو، ته ٻئي طرف نيٽو کي به وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڳتي آندو۔ هن حڪمت عملي جو مقصد اهو هو ته ايران تي گڏيل عالمي دٻاءُ وڌائي، ان کي پنهنجي پاليسين ۾ لچڪ آڻڻ تي مجبور ڪيو وڃي۔ پر موجوده صورتحال ماضي کان مختلف آهي۔ اڳ جڏهن دٻاءُ صرف پابندين ۽ سفارتڪاري تائين محدود هو، تڏهن ٽڪراءَ جا امڪان گهٽ هئا۔ هاڻي حالتون بدلجي ويون آهن۔ خليج ۾ وڌندڙ فوجي موجودگي، جنگي جهازن جا گشت، ۽ ايران پاران پنهنجي دفاعي صلاحيتن جو کليل اظهار، سڀ ڪجهه ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته صورتحال ڪنهن به وقت خطرناڪ رخ اختيار ڪري سگهي ٿي۔
ايران به هاڻي خاموش تماشائي نه رهيو آهي۔ هو واضح پيغام ڏئي رهيو آهي ته جيڪڏهن ان تي دٻاءُ وڌو ويو ته هو هرمُز جي اهميت کي پنهنجي طاقت طور استعمال ڪري سگهي ٿو۔ اهو ئي سبب آهي جو عالمي طاقتون خاص طور تي آمريڪا ۽ ان جا اتحادي، هرمُز کي هر حال ۾ کليل رکڻ چاهين ٿا۔
نيٽو اندر به هڪ دلچسپ صورتحال نظر اچي ٿي۔ سڀئي ملڪ آمريڪا جي پاليسين سان مڪمل طور متفق ناهن، پر جڏهن ڳالهه توانائي ۽ واپار جي اچي ٿي، تڏهن انهن لاءِ به غير جانبدار رهڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو۔ نتيجي طور، هڪ اهڙو اتحاد سامهون اچي رهيو آهي، جيڪو مڪمل جنگ کان بچڻ چاهي ٿو، پر پنهنجي مفادن جي حفاظت لاءِ ميدان به خالي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي۔ هرُمز جي ڇڪتاڻ جا اثر صرف وڏين طاقتن تائين محدود ناهن, پاڪستان جهڙا ملڪ، جيڪي تيل جي درآمد تي ڀاڙين ٿا، انهن لاءِ هي صورتحال سڌي طرح معاشي دٻاءُ جو سبب بڻجي سگهي ٿي۔ تيل جي قيمتن ۾ اضافو، واپار ۾ رڪاوٽون، ۽ عالمي مارڪيٽن جي غير يقيني صورتحال، انهن ملڪن لاءِ نوان چئلينج پيدا ڪن ٿا۔
اهڙي پس منظر ۾، سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اڳتي ڇا ٿيندو؟ ڇا دنيا هڪ وڏي جنگ ڏانهن وڌي رهي آهي، يا هي سڀ ڪجهه صرف دٻاءُ جي سياست آهي؟ حقيقت شايد انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪٿي آهي۔ وڏيون طاقتون سڌي جنگ کان پاسو ڪرڻ چاهين ٿيون، پر پنهنجي طاقت جو اظهار به جاري رکڻ چاهين ٿيون۔ اهڙي صورتحال ۾ ڪا به ننڍي غلطي يا غلط فهمي سان وڏو بحران جنم وٺي سگهي ٿو۔ اهڙي صورتحال ۾ هرُمز رڳو هڪ سامونڊي لنگهه ناهي، پر اهو عالمي طاقت، سياست ۽ معيشت جو اهم محور بڻجي ويو آهي۔
هن علائقي جي حساسيت صرف تيل جي آمدورفت تائين محدود ناهي. ايران ۽ عمان جي سامونڊي سرحدن جي ويجهو فوجي موجودگي، آمريڪا ۽ علائقائي فوجن جي نگراني، ۽ وچ اوڀر ۾ وڌندڙ سياسي ڇڪتاڻ هن رستي کي عالمي جنگي حڪمت عمليءَ جو اهم حصو بڻائي ڇڏيو آهي تنهن ڪري ٽرمپ جي پريشاني هجي يا ايران جي حڪمت عملي، سڀ ڪجهه هن ننڍڙي پر انتهائي اهم رستي سان ڳنڍيل آهي۔ هاڻي موجوده صورتحال ۾ اهو سوال به وڏي اهميت وارو آهي ته ڇا ٽرمپ هرُمز جي هن حساسيت مان پاڻ کي ڪڍي سگهندو يا حالتون اهڙي رخ تي وينديون جو هرُمز ۾ ڪا به جنگي حرڪت عالمي معيشت لاءِ تباهي جو سبب بڻجي ويندي..؟