لفظن جِي جوڙجڪ ۾ اڳياڙين (Prefixes) ۽ پڇاڙين (Suffixes) جو وڏو عمل دخل هوندو آهي. لفظن جي اڳياڙيءَ کي اردوءَ ۾ ’سابقه‘ (اڳيان ايندڙ) ۽ پڇاڙيءَ کي ’لاحقه‘ (بعد ۾ ايندڙ) چيو ويندو آهي. اها اڳياڙي يا پڇاڙي پاڻ هڪ ٻول (لفظ) هوندو آهي، پر اهو ٻئي اسم، صفت يا فعل سان ملي هڪ ڌار لفظ جوڙيندو آهي. ان طرح سان هر ٻوليءَ جي لغت يا ڪوش ۾ اڻ ڳڻيا اھڙا لفظ موجود هوندا آهن، جيڪي ان ئي ٻوليءَ يا سندس ڪنھن ڀيڻ ٻوليءَ (جنھن جا لفظ منجهس موجود هوندا آهن) جي ٻين مختلف لفظن سان ملي، بيشمار نوان لفظ جوڙيندا آهن. اهڙا اڻ ڳڻيا ٻولَ اسان به روز ڳالهائڻ توڙي لکڻ ۾ استعمال ڪندا آهيون. اھي اڳياڙيُون ۽ پڇاڙيون ذاتين، عھدن، تعليمي لياقتن ۽ لقبن ۾ به هونديون آهن، جيڪي ماڻهن جي نالن سان لڳي انھن کي نئين سُڃاڻ ڏينديون آهن. جيئن ’ڊاڪٽر‘، ’انجنيئر‘، ’پروفيسر‘، ’ايڊووڪيٽ‘، ’بئريسٽر‘،’ڪامريڊ‘، ’رئيس‘، ’خواجه‘، ’مرزا‘، ’مخدوم‘، ’آخوند‘ وغيره سڀ نالن جُون اڳياڙيُون آهن. پر اڄ اسان عام اسمن، صفتن ۽ فعلن سان لڳندڙ ڪجهه پڇاڙين جو ذڪر ڪنداسين، جيڪي مختلف ٻولن سان ملي نوان لفظن جوڙين ٿيون.
مثال طور: شروع ڪريون ٿا لفظ ’هارَ‘ کان. ’هار‘ لفظ جي معنيٰ آهي ’وارو‘. جنھن فعل سان پڇاڙيءَ طور لفظ ’هار‘ لڳندو، ان جي معنيٰ اهو ڪم ڪرڻ وارو بيھندي. جيئن: ’خلقڻھار‘ معنيٰ پيدا ڪرڻ وارو، خالق يا الله سائين، ’بخشڻھار‘ معنيٰ ’معاف ڪرڻ وارو‘، ’سِکڻھار‘ معنيٰ ’سِکڻ وارو‘، ’کَٽڻھار‘ معنيٰ سوڀارو، سوڀَ ماڻيندڙ يا فاتح.
ان طرح سان اهو ’هار‘ لفظ پڇاڙيءَ طور ڳنڍي ٻيا به ڪي لفظ جوڙي سگهون ٿا. مثال طور: ائٽَ يا چرخي جِي/ جو ’ڪَتِڻَھار‘ (ڪتڻ وارو / وارِي)، ’کلڻھار‘ يا ’کلڻھارڪو‘ معنيٰ ’کلڻ وارو‘، ’اَچڻھار‘ معنيٰ اچڻ وارو، ’سيکارڻھار‘ معنيٰ تربيت ڪار يا سيکارڻ وارو، ’ڊڄڻھار‘ معنيٰ ’ڊڄڻ وارو‘، ’نٽائڻھار‘ معنيٰ: ڪنھن به ڪم يا ڪرت کان نٽائڻ يا ونءٌ وڃڻ وارو، ’روڪڻھار‘ معنيٰ ’روڪڻ وارو‘، ’سينگارڻھار‘ معنيٰ سينگارڻ يا سجائڻ وارو وغيره. ان طرح سان ’ساقيءَ‘ يا ڪلالَ (مڌ پياريندڙ) جو نج سنڌي نالو ’پيارڻھار‘ به ٿي سگهي ٿو.
’ڪار‘ فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ’ڪم‘. اهو لفظ (پڇاڙي) ’ڪار‘ جنھن به ڪرت سان لڳندو آهي، ان جي معنيٰ ان ڪم جو ڪندڙ نڪرندي آهي، جيئن: صنعتڪار، اداڪار، صداڪار، قلمڪار، فنڪار يا هدايتڪار وغيره. اچو ته ان ’ڪار‘ لفظَ (پڇاڙيءَ) کي ڪجهه ٻين لفظن سان ڳنڍيندي ڪي نوان لفظَ جوڙيون.مثال طور: ريڊيو يا ٽي وي براڊڪاسٽر لاءِ ’نشرڪار‘، رازي يا گهر ٺاهڻ واري مستريءَ لاءِ ’اڏاوت ڪار‘ يا ’تعميرڪار‘، نلڪن جو ڪم ڪندڙ (پلمبر) لاءِ ’نل ڪار‘، بس جي مُنشيءَ يا ڪنڊڪٽر لاءِ ’ڪرايي ڪار‘، ’ڀاڙي ڪار‘ يا ’اُڳاڙِي ڪار‘، صحافيءَ لاءِ ’خبرڪار‘ ۽ ’جلاد‘ لاءِ ’ڦاسي ڪار‘ يا ’مرگ ڪار‘ جو لفظ استعمال ڪري سگهجي ٿو. ڪنڊن جو ڪاروبار ڪندڙ (محاورتاً: نفرتون ڦھلائيندڙ) لاءِ ’خارڪار‘ ۽ عطر وڪڻندڙ (عاطر) يا خوشبُو جو ڪاروبار ڪندڙ لاءِ لفظ ’عطرڪار‘، ’سڳنڌڪار‘ يا ’سرهاڻڪار‘ به استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. ان طرح سان درزيءَ کي ’سلائي ڪار‘، ڌوٻيءَ کي ’ڌُلائِي ڪار‘ ۽ کير واري کي ’شِيرڪار‘ به چئي سگهجي ٿو.
فارسيءَ ۾ ’فروش‘ لفظ جي معنيٰ ’وڪڻڻ‘ آهي، جنھنڪري ميوو وڪڻندڙ کي عام طور ’ڦَل فروش‘، ڀاڄي وڪڻندڙ کي ’سبزي فروش‘، گلَ وڪڻندڙ کي ’گُل فروش‘، ضمير جو سودو ڪندڙ کي ’ضمِير فروش‘ ۽ وڪاميل مفتيءَ کي ’فتويٰ فروش‘ به چيو ويندو آهي. ان طرح مختلف لفظن سان ’فروش‘ لفظ جِي پڇاڙي جوڙي ڪي نوان ۽ دلچسپ لفظ به جوڙي سگهجن ٿا، جيڪي اڳ استعمال ۾ نه آيا هجن يا گهٽ آيا هجن. مثال طور: پنساريءَ کي ’وَکر فروش‘، موبائيل فون جو ڪاروبار ڪندڙ کي ’موبائيل فون فروش‘، گهڙين (واچُن) جو دوڪان هلائيندڙ کي ’گهڙي فروش‘، حلوائيءَ کي ’مٺائي فروش‘، کير وڪڻندڙ کي ’شِير فروش‘، سُرمو وڪڻندڙ کي ’سُرمي فروش‘، بوٽن جي دوڪان جي مالڪ کي ’جُوتا فروش‘ به چئي سگهون ٿا. پئسن تي مارڪون ڏيندڙَ ممتحنَ / استاد کي ’نمبر فروش‘ يا ’نشان فروش‘، ويساهه گهاتي ڪندڙ يا اعتبار جو سودو ڪندڙ کي ’ويساهه فروش‘ يا ’اعتبار فروش‘، پئسن تي ووٽ ڏيندڙ کي ’ووٽ فروش‘، پئسن تي نوڪريون وٺي ڏيندڙ کي ’ملازمت فروش‘ (جيڪو ڌنڌو اڄڪلھه عام آهي)، دل جو سودو ڪندڙ کي ’دِل فروش‘ ۽ قبرُون وڪڻڻ جو ڪاروبار ڪندڙ کي ’قبر فروش‘ پڻ چئي سگهجي ٿو. ان طرح سان انساني ٽرئفڪنگ (ماڻهو وڪڻڻ) جو مڪرُوهه ۽ قبيح ڪاروبار ڪندڙ کي ’آدم فروش‘ يا ’مردم فروش‘ ۽ ٻارن جي اسمگلنگ جو ڪم ڪندڙن کي ’ٻالڪ فروش‘ يا ’نونھال فروش‘ چوڻ ۾ به ڪا هٻڪَ نه هجڻ گهرجي.
فارسيءَ ۾ ’ساز‘ لفظ جي معنيٰ ’ٺاهيندڙ‘ آهي. ان پڇاڙيءَ سان به اسان وٽ فارسي، سنڌيءَ توڙي اردوءَ ۾ ڪيترائي لفظ استعمال هيٺ آهن. مثال طور: ’فلم ساز‘، ’دوا ساز‘، ’جعلساز‘ وغيره.
اها ’ساز‘ پڇاڙي ٻين لفظن سان جوڙي پڻ نوان لفظ ٺاهي سگهجن ٿا. جيئن: رَڇَ (ڄارَ) ٺاهيندڙ کي ’رَڇ ساز‘ يا ’ڄار ساز‘ ۽ ٻيڙيون ٺاهيندڙ کي ’ٻيڙي ساز‘ يا ’نائو ساز‘ چئي سگهجي ٿو. ان طرح سان بورچيءَ کي ’طعام ساز‘، موچيءَ کي ’جُوتا ساز‘ سنگيت جا آلا (ساز) ٺاهيندڙ کي ’ساز ساز‘ ۽ پالڻھار کي ’عالَم ساز‘، ’ڪائنات ساز‘ يا ’آدم ساز‘ به چئي سگهجي ٿو. ان طرح سان مجاز جي دنيا ۾ محبوب، جيڪڏهن طالب جي دل ڏکائيندڙ هجي ته عاشق ان کي ’ستم ساز‘ به چئي سگهي ٿو.
فارسيءَ جي لفظَ ’نَوِشت‘ جي معنيٰ ’لکڻي‘، ’تحرير‘ يا ’ليکُ‘ ۽ ’نويس‘ جي معنيٰ ’لکندڙ‘ يا ’تحرير ڪندڙ‘ آهي. ان پڇاڙيءَ سان اسان وٽ مضمون نويس، مقاله نويس، تاريخ نويس، ڊرامه نويس، ناول نويس، خوش نويس ۽ عريضي نويس جھڙا لفظ عام جام استعمال ٿيندا رهن ٿا. پر ان ’نويس‘ پڇاڙيءَ کي ڪن ٻين لفظ سان به استعمال ڪري سگهجي ٿو، جيئن نصيب يا قسمت لکندڙ (خلقڻھار) کي ’قسمت نويس‘ يا ’نصيب نويس‘، ڪنھن دفتر ۾ شڪايتون نوٽ ڪندڙ کي ’شڪايت نويس‘، ڪنھن آفيس ۾ ڊائري (روز جو ڪاروهنوار) لکندڙ / لاگ بُڪ لکندڙ کي ’روزنامچو نويس‘ يا ’ڊائري نويس‘ ۽ اسيمبليءَ يا ڪورٽ جي ڪارروائي درج ڪندڙ کي ’ڪارروائي نويس‘ يا ’رُوداد نويس‘ چئي سگهجي ٿو. ان طرح سان وال چاڪنگ ڪندڙ کي ’ديوار نويس‘، حڪايتون رقم ڪندڙ کي ’حڪايت نويس‘، ڪنھن به دفتر يا درٻار جا حڪمناما لکندڙ کي ’احڪام نويس‘ يا ’حڪم نويس‘، دوا جو نسخو لکندڙ کي ’نسخي نويس‘، نياپو لکندڙ کي ’پيغام نويس‘ يا ’نياپو نويس‘، ڪنھن به ڪتاب جو متن / مسودو لکندڙ کي’مسودي نويس‘ ۽ ڪنھن به اخبار جي اداري پاران ايڊيٽوريل لکندڙ کي ’اداريه نويس‘ چئي سگهجي ٿو. پنھنجا ڏٺل خواب درج ڪرڻ / لکي رکڻ واري کي ’خواب نويس‘، واقعا نوٽ ڪرڻ واري کي ’واقعه نويس‘، دوڪان جو حساب ڪتاب لکڻ جو ڪم ڪرڻ واري کي ’کاتي نويس‘ يا ’کنڌي نويس‘ ۽ خراب اکرن لکڻ واري کي ’بدنويس‘ (خوش نوِيس جو ضد) به چئي سگهجي ٿو. ان طرح سان ’خُوان‘ لفظ جي معنيٰ ’پڙهندڙ‘ آهي. جنھن لفظ سان لفظ ’خُوان‘ جِي پڇاڙي لڳندي ته ان جي معنيٰ ’اها شئي پڙهندڙ‘ جِي نڪرندي، جيئن: ’نعت خُوان‘ معنيٰ ’نعت پڙهندڙ‘، ’ڪتاب خُوان‘ معنيٰ ’ڪتاب پڙهندڙ‘ وغيره. ته پوءِ اهو ’خُوان‘ لفظ ٻين به اهڙن اڪيچار لفظن سان جوڙي سگهجي ٿو، جن سان اهو اڳ ۾ ڪڏهن به ناهي جوڙيو ويو يا گهٽ جوڙيو ويو آهي. مثال طور: تقرير پڙهندڙ کي ’تقرير خُوان‘، سبق پڙهندڙ کي ’سبق خُوان‘، رپورٽ پڙهندڙ کي ’احوال خُوان‘ يا ’رُوداد خُوان‘، خط پڙهندڙ کي ’نامه خُوان‘، ’چِٺي خُوان‘ يا ’مڪاتيب خُوان‘، نياپو پڙهندڙ کي ’پيغام خُوان‘، شاعري پڙهڻ واري کي ’شعر خُوان‘ ۽ نثر پڙهندڙ کي ’نثر خُوان‘ به چئي سگهجي ٿو. ان طرح سان نيڻ پڙهندڙ کي ’ديد خُوان‘ يا ’نظر خُوان‘، سوچ پڙهندڙ کي ’ذهن خُوان‘ ۽ ڪنھن جي پريشاني ڄاڻي وٺندڙ کي ’درد خُوان‘ به چئي سگهجي ٿو.
فارسيءَ ۾ ’خور‘ لفظ جي معنيٰ ’کائڻ‘ آهي. انڪري اها پڇاڙي جنھن به لفظ يا شئي سان جوڙبي، ته اها ان شئي جي کائيندڙ جي معنيٰ ڪڍندي. جيئن: اسان وٽ ’آدم خور‘، ’گوشت خور‘ ۽ ’سبزي خور‘ جھڙا لفظ مروّج آهن. ان طرح سان، جيڪو جنھن به شئي کائڻ جو شوقين هجي، ان لاءِ ان شئي سان گڏ لفظ ’خور‘ جي پڇاڙي جوڙي استعمال ڪري سگهجي ٿي، جيئن: ’دال خور‘، ’مرغي خور‘، ’چانور خور‘، ’ڀَتُ خور‘، ’برياني خور‘، ’ڀُڳڙا خور‘، ’پڪوڙا خور‘، ’سَيُون خور‘، ’بُسرِي خور‘ وغيره. پر ان ’خور‘ پڇاڙيءَ جي جوڙڻ سان ڪي نوان دلچسپ اصطلاح به ٺاهي سگهجن ٿا. مثال طور: مٿو کائڻ واري کي ’مغز خور‘ يا ’دماغ خور‘، ملائيءَ / آئسڪريم جي شوقين کي ’ملائي خور‘، ڏائڻ کي ’هانءٌ خور‘، ڪِرڙيءَ کي ’مڇر خور‘، ٻليءَ کي ’ڪُوئا خور‘، ڪُتي کي ’ٻلي خور‘، مڇيءَ کي ’مڇي خور‘ يا ’هم نسل خور‘، شينھن کي ’جانور خور‘ به چئي سگهجي ٿو ۽ چين سميت ٻين ڪافي سارن ملڪن جي اڪثر رهواسين کي ڏيڏر خور، نانگ خور يا واڳُون خور به چئي سگهجي ٿو.
فارسي لفظ ’گِير‘ جي معنيٰ آهي ’فتح ڪندڙ‘. جيئن ’عالمگِير‘ معنيٰ ’دنيا فتح ڪندڙ‘، پر اهو لفظ ’…تي ٻَڌل‘ يا ’تي مشتمل‘ جي معنيٰ ۾ به استعمال ٿيندو آهي. جيئن ’ملڪ گِير‘ معنيٰ ’پُوري مُلڪَ تي ٻڌل / مشتمل‘، ’عالمگِير‘ معنيٰ ’پُوري دنيا تي ٻڌل / مشتمل‘ يا ’سنڌ گِير‘ معنيٰ ’پُوريءَ سنڌ ۾ هلندڙ‘. ان طرح سان جاگرافيائي حدن جو احاطو ڪندي، ان ’گِير‘ لفظ جي پڇاڙِي ڳنڍيندي، مختلف ٻيا لفظ به جوڙي سگهجن ٿا، جيئن ’تعلقي گِير‘، ’ضلعي گِير‘، ’صُوبي گِير‘، ’کنڊُ گِير‘ وغيره. ان طرح سان مختلف اڳياڙيُون (Prefixes) ڳنڍي به ڪي نوان لفظَ جوڙي سگهجن ٿا. اسان ايندڙ ڪنھن ڪالم ۾ ٻولن سان ڪي اڳياڙيُون (Prefixes) جوڙڻ سان ٺھندڙ ڪن نون لفظن جو ذڪر به ڪنداسين.