ڪاڇي پٽيءَ جون آڳاٽيون عيدون

تحرير: منظور مارفاڻي

هن دور جي ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته عيد جون تياريون آڳاٽي وقت ۾ ڪيئن  ٿينديون هيون؟  جنڊ تي اٽو پِينهين سَنهي ڪپڙي ۾ ڇاڻي، ڇاڻو ٻاٽ (ٻاٽ ڪڻڪ جو ڀت) لاءِ رکي باقي اٽو ايترو ته ڳوهبو هو، جو چيڙھُ ڪري وڃي. سَيُئِنِ جي مشين ڳوٺ ۾ ڪنهن هڪ گهر ۾ هوندي هئي. واري جي انتظار ۾ مايُنِ جي قطار. "ادي هاڻي مونکي ڏي سيباڻي، سَتَ ڀائي کي پوءِ ڏجانء.”

مشين پوءِ جنھن کي به ڏني ويندي هئي، اھا  کٽ جي واڏڻ واري پاسي ٻاهينءَ سان ڇڪي، ٻڌي هيٺان ٿالهھ رکي آئونٺي سان زور ڏئي گُندبو ، هينڊل کي ڦيرا به ڏبا ، سيئن کي سڪائڻ لاءِ کٽ کي ڇنڊي انهيءَ تي، يا ڪرڙ جو سڪل ڍنگهر مٿان کنڊائي رکن  جيستائين سڪي وڃن، رڌڻ مهل سکڻي پاڻي ۾ رڌي گيچڻ يا کاري ۾ لاهين. پاڻي وهي وڃي، ٺڪر جي پاٽ ۾ وجهي، ان مٿان تازو مکڻ مٺائي وجهي کائڻ جو تڏهن مزو ئي پنهنجو ھوندو ھو.

 عيد نماز جي تياري، پلال يا ڪپڙن ڌوئڻ وارو داٻڙو رکي دلو ۽ وٽو کڻي، لڱ آگهاري ڪپڙا پائي پٽڪو ٻڌي انگوڇو يا اجرڪ  ڪلهي تي کڻي نڪري پئبو ھو عيد نماز لاءِ. ڪا جاءِ مقرر نه ھوندي ھئي. ڪڏهن رئيس جهان خان مارفاڻي جي ڳوٺ ٻاهران، ته ڪڏهن رئيس احدي خان چولياڻي جي ڳوٺ جي ٻاهران ڪنهن ميدان تي.

مولوي جي تڏهن ڏاڍي اڻاٺ ھوندي هئي. هم چورس ٻن ڪوهن ۾ مشڪل سان هڪ مولوي هوندو هو. نماز لاءِ آهستي آهستي ماڻهو گڏ ٿيڻ شروع ٿيندا ويندا هئا. ڪي پنڌ، ڪي گهوڙن تي جڏا ڪراڙا ته ڏاند گاڏين تي به پاڻ کڻائي ايندا هئا. ڀلي سج ڪيترو به مٿي چڙهي اچي پر پوءِ به هيڏي هوڏي نهاريندا هئا ته ڪير اچي ته نٿو. اچڻ وارا سڏ ڪنداھئا بوڇڻ مٿي ڪري. ڊنبوهر پيا ايندا .  ملان پنهنجي لاءِ مصلو بغل ۾ ڪيون ۽ لٺ هٿ ۾ کنيون ايندو هو. بوڇڻ وڇائي ڏيڍي اک سان ڏسندو هو ته ماڻهو پَتَڻُ ڇا ٿا رکن. ڪو اَنَ جي لپ، ته ڪو چار آنا، اٺ آنا، ته ڪو روپيو به رکندو هو. مولوي صاحب  لاءِ گنج ٿي پوندو هو.

رمضان شريف جي ھن عيدالفطر تي مولانا صاحب لٺ بغل ۾ ڪري ڇوري ٻار، ۽ حج واري عيد تي هرڻي وارو قصو کڻي ٻڌائيندو هو. نماز کان پوءِ سڀ اٿي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي "عيد مبارڪ” چوندي ملندا هئا.

ڪچهريءَ جا شوقين اوطاق ۾ گڏ ٿي گهوڙن، ڏاندن، ڪتن جون ڊاڙون هڻي يا چئو باز ڇھه باز  تاش کيڏندا ھئا. پوءِ هرڪو وڃي گهر ڀيڙو ٿيندو هو.

ننڍا ٻار عيد جي رات اک ٻوٽ کيڏندا هئا ۽ صبح جو نمازن سان گڏ ويندا ضرور هئا پر گهڻو ڪري پوئينءَ صف ۾ بيهي شرارتون ڪندي ڪڏهن ڪڏهن ته مولوي واري بوڇڻ تي پتڻ وارن پيل پئسن مان مٺ ڀري ڀڄي به ويندا هئا.

بازارون دڪان ته ڪاڇي پٽيءَ ۾ ڪونه ھوندا ھئا، باقي ڪنهن ڳوٺ ۾ هَٽ تي وڃي ٻارڙا سڏ ڪندا ھئا،”وو ماما بچل ووءِ، هٽ کول.” ھٽ کلندو هو ته، مٺڙي لائي وٺي جهمريون هڻندا موٽندا هيا. ان کي وڏي عياشي سمجهيو ويندو هو. عورتن لاءِ ڪا خاص خريداري ڪونه ٿيندي هئي. باقي نياڻيون سياڻيون وٺي اچبيون ھيون. رات جو ڪُڪُڙُ ڪُھي ٻٽن گهرن ۾ ٿوري مان ٿورو يا گهڻي مان گهڻو ٻوڙ ضرور موڪلبو هو.

ٻئي ڏينهن تي ڪو ماڻهو خيرات ڪري ڍور ڪھندو ھو ته سڀ گوشت وڍي تڏي تي رکي، ڀاڱا ڪري سڀن ماڻهن کي ڏنو ويندو هو.  تن ڏينهن ۾ جانور جي منڍي ۽  اوجهري ميدان تي اڇلائي ڦٽي ڪندا هئا. جيڪي آسماني ڳجهون کائي وينديون هيون. هاڻي ته اهي ڳجهون به ختم ٿي ويو آهن. ٻڌڻ ٿو اچي ته مال کي جيڪي سيون ٿا هڻن ان جي ڪري  به ڳجهون  مري ويون آهن!

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.