حڪومت جي عوام کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي بچت جي اپيل

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وچ اوڀر جي بگڙجندڙ صورتحال تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فیلڊ مارشل عاصم منير ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته خطي جي غير مستحڪم صورتحال سبب ٻارڻ جي فراهمي سخت متاثر ٿي سگهي ٿي، جنهن لاءِ اڳواٽ بچت جا قدم کڻڻ لازمي آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته صوبن سان ملي هڪ جامع پلان  جوڙيو وڃي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي. اجلاس ۾ عوام کان اپيل ڪئي وئي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي بچت لاءِ ڪار پولنگ (گڏيل سواري) اختيار ڪن ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن. وزيراعظم زور ڀريو ته اشرافيا کي به اڳتي اچي بچت ۽ ڪفايت شعاري جو مثال قائم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته بچت واري پاليسي سان عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي، پر هاڻي امير طبقي کي به اڳتي اچي قرباني جو مثال قائم ڪرڻ گهرجي. جيتوڻيڪ ملڪ ۾ هن وقت تيل جو مناسب ذخيرو موجود آهي، پر حڪومت آئي بي (IB) ذريعي ذخيري جي نگراني ڪري رهي آهي ته جيئن مصنوعي کوٽ پيدا نه ٿئي. اعلاميي موجب، حالتن جي بهتري تائين سمورن ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.