پاڪستان وٽ آمريڪا تائين مار ڪندڙ ميزائل ٿي سگهن ٿا:آمريڪي انٽيليجنس

اسلام آباد/واشنگٽن (عوامي آواز رپورٽ) آمريڪا جي ڊائريڪٽر نيشنل انٽيليجنس تلسي گبارڊ سينيٽ ڪميٽي آڏو اهم بيان ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان وٽ ممڪن طور تي اهڙا بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل موجود ٿي سگهن ٿا جيڪي آمريڪا تائين پهچڻ جي صلاحيت رکن ٿا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان، روس، چين ۽ ايران اهڙن جديد ميزائلن تي تحقيق ڪري رهيا آهن جيڪي جوهري توڙي روايتي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکن ٿا، جيڪو آمريڪا لاءِ هڪ وڏو سيڪيورٽي چئلينج آهي.  ٻئي طرف، ايران جي حوالي سان ڳالهائيندي تلسي گبارڊ هڪ وڏو انڪشاف ڪيو ته گذريل سال آمريڪي ڪارروائي ’آپريشن مڊنائيٽ هيمر‘ کانپوءِ ايران پنهنجو جوهري پروگرام ٻيهر بحال ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي. هي بيان صدر ٽرمپ جي ان موقف جي ابتڙ آهي جنهن ۾ ايران جي جوهري سرگرمين کي جنگ جو بنياد بڻايو ويو هو. ان دوران آمريڪي نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر جي ڊائريڪٽر جو ڪينٽ ايران جنگ جي مخالفت ڪندي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ پڻ ڏئي ڇڏي آهي. آمريڪي سينيٽ جي انٽيليجنس ڪميٽيءَ ٻڌڻي دوران ڊائريڪٽر نيشنل انٽيليجنس تلسي گبارڊ کي سوالن ۾ وڪوڙي لاجواب ڪري ڇڏيو. ڪميٽي جي ميمبرن تلسي گبارڊ جي گذريل سال جون واري بيان جو حوالو ڏنو، جنهن ۾ هن چيو هو ته ايران جي جوهري افزودگي جي صلاحيت مڪمل طور تي ختم ڪئي وئي آهي. ميمبرن سوال ڪيو ته جيڪڏهن گذريل سال ئي جوهري صلاحيت ختم ٿي چڪي هئي، ته پوءِ وائٽ هائوس پاران پهرين مارچ تي ايران جي ”لازمي جوهري خطري“ کي بنياد بڻائي نئين مهم شروع ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟ تلسي گبارڊ ان اهم سوال جو ڪو به واضح جواب نه ڏئي سگهي ۽ رڳو ايترو چيو ته ”اهو طئي ڪرڻ صدر جو ڪم آهي ته ڪو خطرو لازمي آهي يا نه.“ ڪميٽي جي ميمبرن ان ڳالهه تي به حيرت جو اظهار ڪيو ته تلسي گبارڊ پنهنجي لکت واري جواب ۾ ايران جي جوهري صلاحيت جي خاتمي جو ذڪر ڪيو هو پر تقرير دوران ان کي ڇڏي ڏنو. جنهن تي هن جواب ڏنو ته وقت جي کوٽ سبب ائين ڪيو ويو. هن معاملي وائٽ هائوس جي ايران پاليسي ۽ انٽيليجنس رپورٽن جي وچ ۾ تضاد کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪا جي ڊائريڪٽر نيشنل انٽيليجنس تلسي گبارڊ سينيٽ جي انٽيليجنس ڪميٽي آڏو سالياني ٿريٽ اسيسمينٽ رپورٽ پيش ڪندي پاڪستان کي انهن ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي جيڪي آمريڪا لاءِ چئلينج بڻجي سگهن ٿا. رپورٽ ۾ شاهين-III ميزائل جو ذڪر ڪندي چيو ويو ته ان کي فني طور تي ICBM ۾ تبديل ڪرڻ جو امڪان موجود آهي. ان کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي جنگ جي خطرن ۽ پاڪستان-افغانستان سرحد تي طالبان سان وڌندڙ ڇڪتاڻ تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته پاڪستاني فوج پاران طالبان کي دهشتگردن سان لاڳاپا ختم ڪرڻ بابت ڏنل چتاءُ خطي جي سلامتي لاءِ اهم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.