ايران جنگ: دنيا ۾ تيل ۽ گيس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو

واشنگٽن/دوحا/تھران (م ڊ) وچ اوڀر ۾ 28 فيبروري کان جاري جنگ هاڻي هڪ اهڙي موڙ تي پهچي وئي آهي، جنهن نه رڳو علائقائي سلامتي پر عالمي معيشت کي به لوڏي ڇڏيو آهي. تازي صورتحال موجب ايران پاران قطر جي گيس ٺڪاڻن تي ڪيل حملن کانپوءِ ٿرٿلو مچي ويو آهي. آمريڪي  خابرو اداري سي اين اين انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا جو انتهائي مهانگو ۽ جديد ترين ففٿ جنريشن جو جنگي جهاز F-35 ايران مٿان هڪ حساس جنگي مشن دوران ايراني دفاعي نظام يا فائرنگ جو نشانو بڻيو آهي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ترجمان ڪيپٽن ٽم هاڪنز واقعي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هن اسٽيٿ جيٽ کي نقصان پهتو، جنهن کانپوءِ پائلٽ انتهائي  مهارت سان هڪ آمريڪي فضائي اڏي تي هنگامي لينڊنگ ڪئي. خوش قسمتيءَ سان پائلٽ محفوظ آهي، پر آمريڪي اختيارين ان ڳالهه جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي ته ايران اهڙي جديد جهاز کي ڪيئن نشانو بڻائڻ ۾ ڪامياب ويو. جنگ جي شروعات کان وٺي هي پهريون موقعو آهي جو ڪنهن آمريڪي جهاز کي ايران پاران نشانو بڻائڻ جي تصديق ٿي آهي. ٻئي طرف، قطر انرجي جي سربراهه سعد الڪعبي رائٽرز سان ڳالهائيندي انتهائي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته ايراني حملن سبب قطر جي ايل اين جي برآمدي صلاحيت جو 17 سيڪڙو حصو مڪمل طور تي تباھ ٿي ويو آهي. هن تباهي جي مرمت ۽ بحاليءَ ۾ 3 کان 5 سال لڳي سگهن ٿا. قطر هاڻي اٽلي، بيلجيئم، ڏکڻ ڪوريا ۽ چين جهڙن ملڪن سان ڪيل معاهدن تي ”فورس ميجور“تحت معذرت ڪرڻ تي مجبور آهي. سعد الڪعبي جو چوڻ هو ته هن ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچيو هو ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ هڪ برادر اسلامي ملڪ اهڙو وار ڪندو. ياد رهي ته هن تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي اڏاوت تي اٽڪل 26 ارب ڊالر خرچ ٿيا هئا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ’ٽروٿ سوشل‘ تي ايران کي کلي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن خليجي ملڪن جي توانائي تنصيبات تي حملا بند نه ڪيا ويا ته آمريڪا ايران جي سڀ کان قيمتي اثاثي ’سائوٿ پارس‘ گيس فيلڊ کي پاڻ تباھ ڪري ڇڏيندو. ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي جواب ۾ چيو آهي ته ايران اڃا پنهنجي طاقت جو رڳو هڪ حصو استعمال ڪيو آهي. ايران پاران آبنائي هرمز تان گذرندڙ جهازن تي ’ٽرانزٽ ٽيڪس‘ لڳائڻ واري تجويز پڻ غور هيٺ آهي، جنهن کي ڪيترائي ماهر عالمي بحري واپار کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش قرار ڏئي رهيا آهن. جنگ جا اثر هاڻي انساني جاني نقصان تائين پهچي ويا آهن. گڏيل عرب امارات جي دفاع واري وزارت موجب، اڄ 7 بيلسٽڪ ميزائل ۽ 15 ڊرونز کي ناڪاره بڻايو ويو، پر انهن حملن جي نتيجي ۾ پاڪستاني شهرين سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ۽ فوت ٿيا آهن. هن صورتحال سبب عالمي منڊي ۾ برنٽ خام تيل جي قيمت 114 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته آمريڪي منڊي ۾ گيس جي قيمتن ۾ به 3 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ماهرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن هي ڇڪتاڻ نه روڪي وئي ته سڄي دنيا ۾ توانائي جو تمام وڏو بحران پيدا ٿي ويندو. هوڏانهن ڪويت جي سڀ کان وڏي ۽ علائقي جي اهم ترين آئل پروسيسنگ سهولت ”مينا الاحمدي“ ريفائنري تي خميس جي صبح ايراني ڊرون حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ اتي باهه لڳي وئي. خابرو اداري پاران جاري ڪيل فوٽيج ۽ سٽيلائيٽ تصويرن جي جاچ کانپوءِ ان مقام جي تصديق ڪئي وئي آهي، جتي حملي کانپوءِ آسمان ڏانهن ڪارو دونهون اٿندي ڏسي سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.