اسلام آباد (بيورو) صدرآصف علي زرداري سينيئر ايراني اڳواڻ ڊاڪٽر علي لاريجاني جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوسجو اظهار ڪندي اسلامي جمهوريه ايران جي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت ڪئي آهي، ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري نومبر 2025ع ۾ ڊاڪٽر علي لاريجاني جي پاڪستان جي سرڪاري دوري کي ياد ڪندي چيو ته ان موقعي تي ٻطرفه سهڪار بابت تفصيلي ڳالهيون ٿيون هيون، صدر زرداري چيو ته ان ملاقات دوران پاڪ-ايران لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ علي لاريجاني جي ڪردار کي ساراهيو ويو هو، آصف علي زرداري چيو ته علائقي ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب انساني جاني نقصان ۽ انفرااسٽرڪچر کي وڏو نقصان ٿي رهيو آهي، جنهن سان معاشي اثرات ۽ عدم استحڪام پيدا ٿي رهيو آهي، هن سڀني ڌرين تي ضبط ۽ برداشت جو مظاهرو ڪرڻ ۽ دشمنين جي خاتمي تي زور ڏيندي ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي ترجيح ڏيڻ جي اپيل ڪئي، صدر آصف علي زرداري اميد ظاهر ڪئي ته صورتحال جلد مستحڪم ٿيندي ۽ وڌيڪ جاني نقصان کان اڳ امن بحال ٿي ويندو، بيان موجب پاڪستان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ علائقي ۾ امن جي فروغ لاءِ ڪوششن جي حمايت لاءِ پرعزم آهي، صدر واضح ڪيو ته پاڪستان ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ ڳالهين ۽ سفارتي ڪوششن ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.