ايراني حملن سبب دبئي خالي، سعودي ۾ ايراني ڊرون ڪيرائڻ جي دعويٰ

رياض/منامه/دبئي(عوامي آواز نيوز)سعودي عرب جي وزارتِ دفاع هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هن هڪ اهڙو ڊرون ڪيرائي ڇڏيو جيڪو سفارت خانن لاءِ مخصوص علائقي ڏانهن وڃي رهيو هو۔ساڳئي وقت ڪالهه صبح دبئي  ۽ بغداد ۾ ڌماڪن جون به خبرون مليون آهن، ڇو ته ايران نار وارن  ملڪن تي پنهنجا حملا ٻيهر شروع ڪري رهيو آهي۔دبئي ۾ بي بي سي جي نمائندي  ٻڌايو ته اربعا جي ڏينهن صبح 10:10 تي اسان جي ٽيم جي فونن تي هڪ الرٽ آيو جنهن ۾ ايندڙ ميزائل جي خطري بابت اطلاع ڏني وئي، الرٽ کان لڳ ڀڳ 10 سيڪنڊن بعد ئي ٻن زوردار ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا۔دبئي عام حالتن جي ڀيٽ ۾ ڪافي حد تائين خالي نظر اچي رهيو هو، پر شهر ڏانهن ڏسڻ سان معلوم ٿيو ته اڏاوتي مزدور پنهنجو ڪم جاري رکيو پيا وڃن ۽ گاڏيون به روڊن تي هلندڙ هيون۔هاڻي فون الرٽس ۽ ڌماڪن جا آواز هتي رهندڙ ماڻهن لاءِ معمول بڻجي ويون آهن، جيڪي هن صورتحال باوجود هتي موجود آهن۔متحدہ عرب امارات جنگ جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين 2000 کان وڌيڪ ميزائل ۽ ڊرون حملن کي منهن ڏنو آهي۔يو اي اي جي وزارتِ دفاع موجب انهن مان گهڻن حملن کي ناڪام بڻايو ويو آهي ۽ ٻڌجندڙ آوازون اصل ۾ انهن جي فضائي دفاعي نظام جون آهن، جيڪي ملڪ جي حفاظت ڪري رهيو آهي۔دبئي ميڊيا آفيس موجب تازن حملن ۾ ڪنهن به ماڻهو جي زخمي ٿيڻ جي اطلاع ناهي ملي، پر شهر لاءِ محفوظ ماحول برقرار رکڻ هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي،ٻئي پاسي ڪويت، قطر ۽ بحرين طرفان ميزائل ۽ ڊرون حملن کي ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي،نار جي ٻين ملڪن ۾ به صورتحال ڇڪتاڻ واري رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.