سنڌ ۾ اربين رپين جي ڪڻڪ گم، خوراڪ کاتي جي آفيسرن کي نوٽيس

ڪراچي ( تحقيقي  رپورٽ) سنڌ جي خوراڪ کاتي جي گودامن مان اربين روپين جي ڪڻڪ غائب ٿيڻ جو وڏو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب، ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ لاڙڪاڻي معاملي جي جاچ لاءِ نيشنل  اڪائونٽيبلٽي بيورو (نيب) کي باضابطا خط لکي ڇڏيو آهي. مارڪيٽ ذريعن موجب غائب ٿيل ڪڻڪ جي ماليت 2 ارب 40 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي. ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته ڊسمبر 2025ع ۾ چارج سنڀالڻ بعد جڏهن مختلف مرڪزن جو دورو ڪيو ويو ته هزارين ٽن ڪڻڪ رڪارڊ مان غائب هئي. خوراڪ کاتي جي اهم آفيسرن اڳوڻي فوڊ ڪنٽرولر غلام مصطفيٰ ميراڻي، ظهير احمد بروهي ۽ محمد يوسف ملڪ کي آخري شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. نيب سکر جي ٽيمن 2023ع ۽ 2025ع ۾ به انهن گودامن جو دورو ڪيو هو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هيءَ چوري ڪافي عرصي کان جاري هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ سان گڏ سرڪاري بارداڻو به بليڪ مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري قومي خزاني کي ٻٽو نقصان پهچايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.