حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي ٽنڊو يوسف پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته فتح باغ وٽ هڪ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي دوران بدنام منشيات فروش لال بخش عرف نانو گهمراڻي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آهي. پوليس ترجمان موجب مارجي ويل جوابدار مٿان 14 کان وڌيڪ سنگين ڪيس داخل هئا ۽ مقابلي واري هنڌ تان هڪ پسٽل ۽ منشيات پڻ هٿ ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف وارثن جو چوڻ آهي ته 28 سالن جي لال بخش کي گذريل ڏينهن سادا ڪپڙا پهريل ماڻهو کڻي ويا هئا، جنهن کانپوءِ سندس لاش مليو آهي. واقعي کانپوءِ سول اسپتال جي مرده خاني ٻاهران وارثن ۽ علائقي واسين جو وڏو انگ گڏ ٿي ويو، جتي لاش جي حوالي ڪرڻ تان پوليس ۽ هجوم ۾ تڪرار ٿي پيو. مڇريل هجوم اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ ٻاهر بيٺل گاڏين کي نقصان پهچايو، جنهن تي پوليس وڌيڪ نفري طلب ڪري ورتي. صورتحال ان وقت وڌيڪ خراب ٿي وئي جڏهن ٻنهي طرفن کان هوائي فائرنگ ڪئي وئي. پوليس ڪارروائي ڪندي 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته پوليس جو موقف آهي ته قانوني گهرجون پوريون نه ٿيڻ سبب لاش حوالي ڪرڻ ۾ دير ٿي هئي جنهن تان ماڻهو مڇرجي پيا.