ڪراچي(عوامي آواز نيوز)مشهور جيوپوليٽيڪل تجزيه نگار شناڪا انسلِم پيريرا موجب پاڪستان خليج ۾ پنهنجي تيل کڻندڙ جهازن کي محفوظ نموني وطن واپس آڻڻ لاءِ جنگي بحري جهاز روانا ڪري ڇڏيا آهن، جنهن کي “محافظ البحر” آپريشن جو نالو ڏنو ويو آهي.هي ڪارروائي 9 مارچ تي شروع ڪئي وئي ۽ هن وقت پاڪستان نيوي جا ٻه جنگي جهاز اهڙي سامونڊي رستي تان واپاري جهازن کي محفوظ گذرائڻ ۾ مصروف آهن جتي روزانو گذرندڙ 138 جهازن جو انگ گهٽجي صرف ٻن تائين رهجي ويو آهي۔ هن مشن جي اڳواڻي طغرل ڪلاس گائيڊڊ ميزائل فريگيٽ ڪري رهي آهي جيڪا ٽائپ 054 اي/پي ماڊل جو چيني ٺهيل جديد جنگي جهاز آهي ۽ پاڪستان نيوي جو سڀ کان جديد سطحي جنگي پليٽ فارم سمجهيو وڃي ٿو۔ هن جهاز ۾ اسٽيليٿ ڊيزائن، ورٽيڪل لانچ سسٽم، ايڇ ڪيو-16 وچولي فاصلي تائين مار ڪندڙ فضائي دفاعي ميزائل، اينٽي شپ ڪروز ميزائل، آبدوز شڪار ٽارپيڊو ٽيوبز ۽ هيليڪاپٽر ڊيڪ جهڙيون صلاحيتون موجود آهن، جيڪي ان کي تڪراري ۽ خطري وارن سامونڊي رستن ۾ قافلن جي حفاظت لاءِ موزون بڻائين ٿيون۔ سيڪيورٽي سببن جي ڪري آءِ ايس پي آر جهازن جا نالا ظاهر نه ڪيا آهن، جڏهن ته 10 مارچ تي سامهون آيل اوپن سورس انٽيليجنس تصويرن ۾ هن فريگيٽ جي سڃاڻپ جي تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ٻيو جهاز يرموڪ ڪلاس آف شور پيٽرول ويسل هجڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جيڪو ڊگهي عرصي تائين نگراني ۽ حفاظتي پرت مهيا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔