تهران/واشنگٽن/تل ابيب(ويب ڊيسڪ) ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا ۾ ڇڪتاڻ ۽ حملا جاري آهن، جڏهن ته انڊونيشيا ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي آهي. پاسدارانِ انقلاب اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب تي ڪلسٽر بمن سان ليس خيبر شڪن ميزائل سان حملو ڪيو، جڏهن ته آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ ايران ۾ رهائشي / گهرن، اسپتالن ۽ واپاري مرڪزن کي نقصان رسيو آهي،آمريڪي صدر ايران ۾ زميني فوج موڪلڻ واري فيصلي تي غور ڪرڻ کين وقت جو زيان قرار ڏنو آهي، ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ڪجهه ملڪن ٽياڪڙي جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، پر ايران پائيدار امن جا خواهشمند آهي، ان کانسواءِ عالمي سطح تي جنگ جا اثر توانائي، معيشت ۽ دفاعي نظام کي متاثر ڪرڻ لڳا آهن.ايراني هلال احمر ايران ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن سبب ٿيندڙ نقصانن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.هلال احمر موجب، آمريڪا ۽ اسرائيل هن وقت تائين ايران تي 1332 حملا ڪيا آهن، جن ۾ 636 هنڌن کي نشانو بڻايو ويو.رپورٽ موجب، آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ هن وقت تائين 21 امدادي ۽ طبي مرڪزن کي سخت نقصان پهتو آهي، جڏهن ته 24 اسپتالن کي به نقصان رسيو آهي ۽ 3 هزار 90 رهائشي گهر تباهه يا سخت متاثر ٿيا آهن. عراقي ڪردستان ۾ هڪ آمريڪي تيل ڪمپني جي اختيارين جو چوڻ آهي ته آئل فيلڊ تي حملي کانپوءِ اتي تيل جي پيداوار معطل ڪئي وئي آهي. ڪردستان جي مقامي حڪومت ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته دهڪ صوبي آمريڪي ڪمپني ”ايڇ ڪي اين انرجي“ جي انتظام هيٺ قائم آئل فيلڊ کي عراق ۾ هٿياربند ۽ غير قانوني گروهن طرفان نشانو بڻايو ويو آهي.اختيارين موجب، حملي سبب آئل فيلڊ کي سخت نقصان پهتو آهي، جنهنڪري اتان پيداوار فوري طور معطل ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هڪ سيڪيورٽي ذريعي جو چوڻ آهي ته هي حملو خميس ڏينهن ٻن ڊرونز ذريعي ڪيو ويو هو. عراق ۾ ڪردستان جو علائقو هڪ خودمختيار خطو آهي، جنهن کي ڪردستان علائقائي حڪومت هلائي ٿي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته غير مشروط سرينڊر کانسواءِ ايران سان ڪا به ڊيل نه ٿيندي.پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته” سرينڊر ۽ هڪ عظيم ۽ قبول ڪرڻ جوڳي رهبر جي چونڊ کانپوءِ اسان پنهنجن اتحادين سان گڏجي ايران کي تباهي جي ڪَنڌي تان واپس آڻينداسين، ايران کي معاشي طور تي بهتر ۽ اڳ کان وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين.“